کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ گولاڙچي ۾ احتجاجي مظاهرو

گولاڙچي:-  گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل محفوظ سنڌي، سومار ملاح ۽ اسلم مهيري جي آزادي لاءِ 9 ڏينهن به احمد راڄو روڊ کان ٽي وي جرنلسٽ ڪلب تائين  ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ۽ ٽي وي جرنلسٽ ڪلب اڳيانهڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ان موقعي تي محفوظ سنڌي جي والد  ناز نوتڪاڻي ، ابو نوحاڻي منصور ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته محفوظ سنڌي، سومار ملاح  ۽ اسلم مهيري سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي