کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٻلهڙيجي مان کنڀي گم ڪيل اڳوڻي شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادو جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڪوآرڊينيٽر ۽ حفيظ پيرزادي جي ڀاڄائي خالده پيرزادو، سندس معصوم ڀائيٽي ندا پيزادو، ناياب سرڪش سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل حفيظ پيرزادي جي ڀائرن رميز پيرزادو، شهباز پيرزادو ٻين صحافين آڏو دانهيندي گذريل جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان قانون لاڳو ڪندڙ ۽ پوليس جي اهلڪارن گهر ۾ گهڙي حفيظ پيرزادو کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته حفيظ پيرزادو پنهنجي مرحوم پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ خانداني زمينون سنڀاليندو هو جنهن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي ان کان اڳ سال 2015ع کان 2018ع تائين ٽي سال حفيظ پيرزادو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو سمورن ڪيس مان بري ٿي چڪو آهي، هن سياست شاگرد کي ڇڏي چڪو آهي پر ان باوجود کيس ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اسان کي خدشو آهي ته تازو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل ڪريڪر ڌماڪن واري ڪيسن ۾ کيس ڦاسايو ويندو آهي ان لاءِ اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته حفيظ پيرزادو جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي کيس آزاد ڪرائي گهر ڀاتين کي اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي. ملير جي علائقي يوسف عارفاڻي ڳوٺ مان 5 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل جبار سرڪي جي وارثن ۽ سرڪي برادري جو ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، اسان جي نوجوان پٽ جبار سرڪي کي رات دير سان ساده ڪپڙا پهريل اهلڪارن گهرن ۾ گهڙي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي نوجوان جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، اسان سخت پريشان آهيون، اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي، وارث، خبر موجب ؛ ملير جي يوسف عارفاڻي ڳوٺ مان 5 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل جبار سرڪي جي پئ غلام رسول، ماءُ جنت خاتون، ڀاءُ لال محمد سرڪي ۽ سرڪي برادري پاران جبار سرڪي جي بازيابي لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي پئ غلام رسول ۽ ماءُ جنت خاتون چيو ته اسان جي نوجوان پٽ جبار سرڪي کي 5 ڏينهن اڳ رات جي وقت ساده ڪپڙا پهريل اهلڪارن گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان نوجوان جي گهڻي ڳولا ڪئي آهي پر ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، اسان سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته جبار سرڪي روزگار ڪري گهر جو گذر سفر هلائيندو هو، ان کي کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، اسان جي نوجوان پٽ کي 5 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃا تائين ڪابه خبر نه آهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي، هنن چيو ته اسان وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي کنڀي گم ڪيل نوجوان پٽ جبار سرڪي کي جلد بازياب ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ڊکڻ شهر جي سجاد ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پيرسن عاشق سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس جي پٽ قدير احمد سومرو کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد نوجوان قدير احمد سومرو جي امڙ روشن خاتون قرآن پاڪ کڻي وارثن  عاشق سومرو. اسرار سومرو. عبدالجبار ۽ محمد صالح سومرو سان گڏ  پريس ڪلب ڊکڻ پهتي جتي هنن احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو آهي ته منهجو پٽ قدير احمد دل جو مريض آهي سندس جو علاج هلندڙ آهي. هن جو ڪنهن به قومپرست پارٽي سان تعلق نه هو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان پنهجي وطن پاڪستان سان پيار ڪندڙ آهيون. هنن نوجوان جي آزادي لاء  آرمي چيف ۽هاء ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي سندن جو  نوجوان واپس ڪرايو وڃي. ياد رهي ته 12  ڏينهن اڳ ڳوٺ جاڙو حجم مان نوجوان سعيد منگي کي به گرفتار ڪيو ويو هو.