ڏھرڪي جي عاصما ملڪ جو قاتل ڀاءُ نڪتو، کيس غيرت ۾ اچي قتل ڪرڻ جو اعتراف

ڏهرڪي :- ڏھرڪي ويجهو ڳوٺ غازي خان ملڪ ۾ ٽي ڏينھن اڳ گهٽا ڏئي بيدري سان قتل ڪيل شادي شدہ عورت جي قاتل ڪيس ۾ سندس ڀاءُ عابد مامو طالب ۽ صدام ملڪ ملوث نڪتا آهن ان سلسلي ۾ واقعي جي جاچ آفيسر اي ايس پي گھوٽڪي اياز خان ايس ايڇ او ڏهرڪي سردار خان چاچڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته عورت عاصمه ملڪ کي جوبدارن پاران گهٽا ڏئي بيدري سان قتل ڪرڻ واقعي جو ايس ايس پي پاران نوٽس وٺي مون کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو جنهن بعد آئون واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪيا جنهن  بعد عابد حسين ملڪ، الطاف ملڪ، صدام ۽ عورت جي مڙس شھزادو ملڪ جي بيانن ۾ وڏو تضاد مليو ان ڪري انڪوائري دوران سمورن جي موبائل جي سي ڊي آر ڪڍرائي وئي جتان قتل ڪيس جا پيرا کڻي مقتولا جي ڀاءُ عابد حسين کي گرفتار ڪيو ويو جنھن پڇا دوران پنھنجي ڀيڻ عاصمہ کي مامي طالب ۽ ماروٽ صدام جي مدد سان قتل ڪرڻ جي ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي ھن چيو ته عابد حسين جي اقراري بيان پوليس طالب ملڪ پڻ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته صدام ملڪ کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو ان موقعي تي جوابدار طالب حسين ملڪ صحافين کي ٻڌايو ته 4 سال اڳ عاصمه جو مڙس فوت ٿيڻ بعد عاصمه گھران نڪري شھزادو ملڪ سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن تان اسان کيس ناراض هئا سون جنهن بعد غيرت ۾ اچي کين گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي.