ڏيپلو ۾ ڪولهين جي قبرستان تي قبضو، احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڏيپلو:-  ڏيپلو ۾ ڪولھي برادري جو قبرستان تي قبضا مافيا پاران قبضا ڪرڻ خلاف ماوو جي ڪولھي، رام، روپلو ڪولھي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ سوين ڪولھي  برادري جي ماڻھن بدين اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڏيپلو شھر ۾ اسان ڪولھين جي قبرستان جي زمين تي قبضا مافيا قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪن ٿا، جنهن خلاف اسان مختارڪار  کي به درخواست ڏني آهي پر عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان روڊن تي نڪري آيا آهيون.  ھنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي اسان جي قبرستان جي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان جي تحفظ پڻ فراهم ڪيو وڃي. احتجاج دوران پ پ اڳواڻ نندلال  مالھي ۽ ڪندن مالھي ڌرڻي ۾  پھچي مظاھرين  سان ڳالھيون ڪري جلد قبضا ختم ڪرائي جي خاطري ڪرائي.