ڏياري جي موڪل ڇو ڪيئي؟ جيڪب آباد ۾ پرنسپال جو شاگرد تي تشدد،احتجاج

جيڪب آباد :- جيڪب آباد جي اولڊ ڪاليج روڊ تي واقع خانگي اسڪول ۾ ڏياري جي موڪل ڪرڻ تي پرنسپال ستين ڪلاس جي شاگرد 12 ورھين جي رشي ڪپور تي تشدد ڪيو تشدد سبب نينگر بيھوش ٿي ويو جنهن تي نينگر جي والد راجيش ڪپور پٽ سان گڏ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي خانگي اسڪول جي پرنسپال فوزيه خلاف احتجاج ڪيو ۽ گھر ڪئي ته اسڪول انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ان حوالي سان خانگي اسڪول جي پرنسپال فوزيه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگرد تي ڪوبه تشدد نه ڪيو آهي تشدد جا ظاهر ٿيل نشان نينگر جي موٽر سائيڪل مان ڪرڻ سبب آيا آهن اسان تي الزام ان لاءِ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن اسان اسڪول جو فيس وصول نه ڪيون.