ڏوڪري ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ بک هڙتال

ڏوڪري :- ڏوڪريءَ ۾ 3 سال اڳ کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجي ۽ مرتضي جوڻيجي جي بازيابي لاءِ ڪالهه ٻئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.بک هڙتالي ڪئمپ تي ڳالهائيندي نوجوانن جي وارث عورتن شبانا جوڻيجو، شهزادي جوڻيجو، اندرا جوڻيجو، تحريڪ انصاف جي تعلقي صدر منور جوڻيجو، سٽي صدر آغا خان جلباڻي ۽ ديدار شيخ چيو ته شاهد جوڻيجو ۽ مرتضي جوڻيجو کي 34 مهينا اڳ جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو، مسلسل احتجاج ڪرڻ ۽ عدالتن جا دروازا کڙڪائڻ باوجود ڪو نوٽيس نه ورتو ويو آهي. هنن انساني حقن جي تنظيمن، سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته شاهد جوڻيجي ۽ مرتضي جوڻيجي جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي سندن بازيابيءَ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.