ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ سيپٽمبر جي مهيني ۾ ٽيهه هزار ماڻهن جو مفت ۽ معياري علاج ڪيو ويو۔

ڏوڪري تعلقي اسپتال جي ايم ايس جي موڪل سبب غير موجوگي باوجود ساڻس منسوب ڪيل منفي بيان حيرت جوڳو عمل آھي۔ جڏهن ته ان ڏينهن جي حوالي سان هڪ نام نهاد سماجي اڳواڻ پاران اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر امجد علي شاه کي اسپتال مامرن تي شڪايت ڪرڻ وار ڳالهه ايتري ئي بي تڪي آھي جيتري ان شخص پاران ميڊيا کي اها هٿراڌو گهڙيل ڪهاڻي ٻڌائڻ ته ڊاڪٽر امجد شاه سندس شڪايت جي موٽ ۾ کيس ٻاهر وڃي احتجاج ڪرڻ لاءِ چيو هو۔ آءِ ايڇ ايس جي ڊسٽرڪٽ مينيجر ڊاڪٽر خليل ڪٽپر ان من گهڙت پروپئگنڊا جي موٽ ۾ ثبوت طور ايم ايس جي ڏنل موڪل جي درخواست ڏيکاريندي چيو ته ڏوڪري تعلقي اسپتال، لاڙڪاڻي ضلعي جي بهترين صحت سهولتون پهچائيندڙ اسپتال آھي. جنهن جو کليو اظھار ڪجهه ئي ڏينهن پهريائين تر جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو پاران اسپتال جي دوري وقت ھڪ عوامي گڏجاڻي ۾ ڪيو هيو۔ رابطي ڪرڻ تي ڊاڪٽر امجد علي شاھ پاران خبر ۾ ڄاڻايل شخص اسد عالماڻي جي غلط بياني کي مذمت جوڳو ۽ مجرماڻو عمل ڪوٺيندي چيو ته کيس ان حرڪت لاءِ قانوني طريقي سان جواب ڏيڻو پوندو۔ هن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ گذريل سيپٽمبر جي مهيني ۾ ٽيهه هزار ماڻهن جو مفت ۽ معياري علاج ڪيو ويو. جنرل او پي ڊي ۾ آيل انهي وڏي انگ کان علاواه مختلف بيمارين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جن ۾ خاص طور ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن جي بيمارين جي ماهر گائينوڪولاجسٽ ۽ پيڊياٽريشن، اکين، نڪ ڪن گلي، چمڙي ۽ ڏندن ۽ وات جي بيمارين جي ماهر ڊينٽل سرجن پاران سون جي تعداد ۾ مريضن کي چڪاسيو ويو. اهڙي طرح هڪ هزار کان به وڌيڪ ماڻهن کي اسپتال جي وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو. جتي کين علاج جون مڪمل سهولتون مهيا ڪيون ويون. انهن مريضن جي بيمارين جي صحيح سڃاڻپ لاءِ ايڪسري، الٽراسائونڊ، اي سي جي ۽ گهربل ليبارٽري ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون. اهي تفصيل اسپتال جي ڪارڪردگي تي اٿاريل سوالن جي موٽ ڏيندي ٻڌايا ويا. ڊاڪٽر خليل ڪٽپر جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ڊاڪٽرن ۽ گهربل سهولتن جي عدم موجودگي ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهو هن اسپتال جو رخ ڪندا. سندس چوڻ هيو ته فقط گذريل مهيني ۾ اسپتال ۾ ٻن سئو کان وڌيڪ ٿيل ڊليورين ۾ پنجويهه سيڪشن جا ڪيس هيا. جڏهن ته تيرنهن سئو حامله عورتن جي ويم کان پهرين ۽ بعد ۾ ( جنهن کي صحت جي اصطلاحن ۾ پرينيٽل ۽ پوسٽنيٽل ڪيئر چئبو آهي ) طبي مشاورت ڪئي وئي. ڊاڪٽر ڪٽپر پاران اسپتال ۾ مهيا ڪئي ويندڙ تشخيصي سرگرمي جا انگ اکر ڄاڻائيندي چيو ته ان مختصرعرصي ۾ چار سئو ايڪسري، نو سئو چوهتر الٽرا سائونڊ، ٽي سئو چوڏنهن اي سي جي ۽ ساڍن ٽن هزارن کان وڌيڪ مختلف ليبارٽري ٽيسٽون ڪيون ويون. آءِ ايڇ ايس جي هيومن ريسوسرس ڊپارٽمينٽ مطابق ڏوڪري اسپتال ۾ گڏيل طور هڪ سئو جي اسٽاف ۾ اوڻهين جي تعداد ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ۽ ميل فيميل ميڊيڪل آفيسر، پنجويهن جي انگ ۾ پيراميڊيڪل عملو جيڪو اسٽاف نرسن، ليڊي هيلٿ وزيٽر، ڊسپينسر، ايڪسري، ليبارٽري ۽ ڊينٽل ٽيڪنيشن تي مبني آهي. ساڳئي وقت پنجاهه کان وڌيڪ سپورٽ اسٽاف ويڪسينيٽر، استور ڪيپر، وارڊ بوائز ۽ صفائي سٺائي لاءِ ذميوار عملو چوويھ ڪلاڪ ايترين گهڻ پاسائين طبي خدمتن لاءِ هروقت موجود رهي ٿو.