ڏهرڪي ۾ ناريءَ سان لڄالٽ جي ڪوشش، رڙين تي جوابدار تيزاب هاري ڇڏيو

ڏهرڪي :- ڏهرڪي جي گلاب شاه ڪالوني ۾  نشي ۾ دت  اوباش نوجوان  پاران طلاقيل عورت ريشمان پٺاڻ جي گهر ۾ گهڙي کين زبرستي لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي ته عورت  کين پاڻ بچائڻ لاءَ  دانهون ڪيون ته  اوباش نوجوان  پاران عورت ريشمان ۽ سندس معصوم پٽ بلال احمد مٿان تيزاب هاري ماءَ پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن بعد اوباش نوجوان جي تيزاب هارڻ سبب  عورت جي منهن جو ڪجهه حصو، پيٽ ۽ ڄنگهه جڏهن ته معصوم پٽ جي سٿر سڙي پيءَ جنهن بعد تيزاب ۾ سڙي زخمي ٿيل ماءَ ۽ پٽ کي پاڙي وارن زخمي حالت ۾ ڏهرڪي جي سول اسپتال داخل ڪرايو ان موقعي تي متاثر عورت ريشمان پٺاڻ صحافين کي ٻڌايو ته 15 سال اڳ ۾ مون عبدالقادر مغل سان شادي ڪئي ھئي جيڪو فوت ٿي ويو ھو. جنھن بعد 2009 ۾ عبدالحفيظ مغل سان شادي ڪئي جنھن کان مون طلاق ورتي ھئي جنهن بعد اسين گھر ۾ اڪيلا رھندا ھئاسين هن ٻڌايو ته اوباش نوجوان عامر ميراڻي مونکي شادي ڪرڻ لاءِ چيو ته آئون کين ان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد هو مون کان منهنجي 14 سالن جي ڌيءَ ڪوثر ڏيڻ لاءِ تنگ ڪندو هو پر منهنجي ڌي ڪوثر جو سنڱ ڏيڻ کان انڪار  ڪيو ته اوباش نوجوان عامر ميراڻي منھنجي 14 سالا ڌي ڪوثر کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو ھو جنھن رات دير سان هن نشي جي حالت ۾ زبردستي  منهنجي گهر ۾ گھڙي مون سان زبردستي لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته  منهنجي دانهون ڪرڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي اوباش عامر ميراڻي منهنجي ٽن ورهين جي  پٽ بلال احمد ۽ مون  مٿان تيزاب ھاري فرار ٿي ويو. جنھن سبب منھنجو ۽ منھنجي پٽ جي جسم جو ڪجھ حصو سڙي ويو آھي هن الزام لڳائيندي ٻڌايو ته عامر ميراڻي درجن کان وڌيڪ نارين کي شادي جو ڏٽو ڏئي کين لڄالٽ ڪري انهن جون زندگيون برباد ڪيون آهن هوڏانهن ڏهرڪي پوليس  متاثر عورت جي فرياد تي عامر ميراڻي خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدار عامر ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٻي طرف عورت مٿان تيزاب هارڻ ۽ کين زبردستي ڏاڍائي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل گرفتار ٿيل جوابدار عامر ميراڻي  ٻڌايو ته ريشمان پٺاڻ مٿان تيزاب  هارڻ جو الزام مون مٿان بي بنياد آهي جڏهن ته ريشمان پاڻ مونکي دوستي لاءِ تنگ ڪندي هئي منهنجي انڪار ڪرڻ تي  مونکي ڪوڙن ڪيسن  ۾ ڦاسائڻ لاءِ مون مٿان ڪوڙا الزام هڻي رهي آهي هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان واقعي جو ايماندار آفيسر کان  جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.