ڏهرڪي ۾ بي آءِ ايس پي جو وظيفو ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي عورت وڪرو، پيرسن سان پرڻائڻ جو انڪشاف

ڏهرڪي :- ڏهرڪي ۾ بي آءِ اي پي جو وظيفو ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي عورت وڪرو، پيرسن سان پرڻائڻ جو انڪشاف، عورت ٿاڻي تي پهچي وئي، 2 ڄڻا گرفتار، خبر موجب ڏهرڪي جي مغل محلي جي رهواسي طلاقيل عورت  گلناز مغل ڌي مرحوم اسماعيل مغل سان جوبدارن پاران بينظير انڪم سپورٽ جو ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ بهاني کين نشي آور شئي پياري  ڪشمور واسي پيرسن سان جعلي نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد گذريل ڏينهن مڙس جي دعويدار پيرسن پاران عورت کي ٻن ٻارن سميت زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي ته عورت جي دانهن تي شهرين جي پهچڻ تي جوبدار فرار ٿي ويا جنهن بعد جوبدارن پاران جعلي نڪاح ڪرائي زبردستي  اغوا ڪرڻ خلاف  متاثره عورت  گلناز مغل پنهنجي ڀاءَ اسلم مغل سان گڏجي ٿاڻي تي پهتي ته پوليس پاران جوبدارن خلاف ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان موقعي تي  متاثره عورت گلناز مغل دانهيندي  مان 4 سال اڳ پنهنجي مڙس عبدالغني مغل کان طلاق وٺي پنهنجي ڀائرن اسلم ۽ اڪرم مغل ۽ ماءَ زبيده مغل واران سان گڏجي رهان پئي جنه بعد آئون پاڙي جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري پنهنجي معصوم ٻاررن جو گذر سفر ڪري رهي هيس ته پنج ڏينهن اڳ پاڙي جي عورت شبانا ملڪ، فريد ڀيو ۽ ضمير مغل مون کي بينظير انڪم سپورٽ جو ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي بهاني  هڪ جاءَ تي وٺي وڃي ته مون کي نشي آورا شئي کارائي منهنجو  ڪشمور واسي پيرسن غلام ياسين ملڪ سان نڪاح ڪرائي بيهوشي واري حالت ۾ گهر ٻاهريان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا جڏهن ته مونکي نڪاح بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي جنهن بعد اڄ مونکي مڙس جي دعويدار غلام ياسين پنهنجي ساٿين سان گڏجي ٻن ٻارڙين 6 ورهين جي هينا ۽ چئين ورهين جي ماه نور سميت اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد منهنجي رڙين تي جوبدار فرار ٿي ويا آهن پر مونکي معصوم ٻارڙن سميت  اغوا  ڪندڙن خلاف پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هن مطالبو ڪيو ته مون سان جعلي نڪاح ڪندڙن خلاف ڪاروئي ڪري مونکي معصوم ٻارڙين سميت تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ويو ٿاڻي تي موجود متاثر عورت گلناز مغل جي ڀائرن اسلم مغل ۽ اڪرم مغل چيو ته گذريل پنجن ڏينهن کان اسان جي ڀيڻ مسلسل بيهوش ٿي رهي آهي آھي جنهن کي اسان علاج لاءِ ڊاڪٽرن وٽ کڻي وياسين پر هن وقت به هو نيم بيهوشي واري حالت ۾ آھي جڏهن ته اسان کي پڻ نڪاح بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي جڏهن ته نڪاح نامي ۾ لکيل شاهدن خالد حسين اعواڻ، شاهد حسين اعواڻ، عبدالفتاح اعواڻ وارن کي به سندس ڀيڻ جي نڪاح نامي بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي هوڏانهن  رابطي ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته عورت گلناز جي ڀائرن جي فرياد تي ابتدائي رپورٽ درج ڪري واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون هوڏانهن عورت جي وارثن جي احتجاج تي پوليس ڪاوائي ڪندي عورت کي نشي آور شئي پياري کين جعلي نڪاح ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوبدارن جي عيوضي ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.