ڏهرڪي ۾ بيواهه عورت جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

ڏهرڪي :- ڏهرڪي شهر جي سينما روڊ واسڻ  بيواه عورت بيبيو شيخ بااثر جي زيادتين خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي بيواه عورت بيبيو شيخ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته آئون ٽائون ڪاميٽي ۾ نوڪري ڪري پنهنجو پيٽ جو گذر سفر ڪري رهي آهيان جڏهن ته سندس مڙس جي وفات ٿيڻ تي بااثر سمابو سميجو مون کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان دوستي رکڻ لاءِ منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ کين ان سان دوستي رکڻ کان انڪار ڪيو ته هو منهنجي منهن مٿاب تيزاب هاري ساڙڻ جي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته بااثر جي زيادتين جو نوٽس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي