ڏهرڪي ويجهو مسافر ٽرين مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت، 87 زخمي

ڏهرڪي  :- ريلوي انتظاميه جي مجرماڻي غفلت يا حادثو: صادق آباد ويجهو هڪ ٻي مسافر ٽرين مال گاڏي سان ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 21 ٿي ويو، 84 زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت نازڪ، فوتگيون وڌڻ جو خدشو، سنڌ پنجاب بارڊر لڳ صادق آباد جي ورلهار اسٽيشن ڀرسان لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر ايڪسپريس بيٺل مال بردار گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسافر ٽرين جون 4 کان وڌيڪ بوگيون لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين فوت ٿيلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو ۽ 84 کان وڌيڪ زخمين کي ٻاهر ڪڍي صادق آباد ۽ رحيم يار خان جي اسپتالن ڏانهن نيو ويو، جتي زخمين مان ڪيترن ماڻهن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، واقعي واري هنڌ امدادي ڪارروائيون به جاري آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا جوان به حصو وٺي رهيا آهن، ڀرپاسي جا ڳوٺاڻن به امدادي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لڳا. خوفناڪ ٽرين حادثي بعد ريلوي جا ٻئي ٽريڪ مڪمل طور بند ٿي ويا، امدادي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد ٽريڪ بحال ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون وينديون، ٽريڪ بند هئڻ ڪري پنجاب توڙي سنڌ جي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي مسافر ٽرينن کي بيهاريو ويو، جتي هزارن جي تعداد ۾ مسافر سهولتن جي کوٽ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.