ڏهرڪي واسڻ مهڪ ڪيسواڻي جي اغوا جو ڪيس داخل

ڪراچي  :- ڪراچي جي ڊفينس فيز ٽو مان مبينا اغوا ٿيل مھڪ ڪيسواڻي معاملي جي چاچي سري چند جي فرياد تي اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻيو ويو آهي ته ڀائٽي مھڪ جمع ڏھاڙي شام جو گھران نڪتي جنھن بعد واپس نه موٽي آھي، کين شڪ آھي ته مھڪ کي اغوا ڪيو ويو آھي.ٻئي پاسي مھڪ جو مسلمان ٿي نڪاح ڪرڻ جا اطلاع پڻ اچي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مهڪ عاشر نالي نوجوان سان نڪاح ڪري ڇڏيو آھي، ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته مھڪ اغوا نه پر پنھنجي مرضيءَ سان ھڪ ڪار ۾ چڙھي وئي آھي،جنهن جا فٽيجز پڻ موجود آهن.