ڏهرڪي: جوابدار طرفان زال کي ماري لاش ريگستاني علائقي ۾ پورڻ جو انڪشاف

ڏهرڪي :- ڏهرڪي ويجهو داد لغاري ٿاڻي جي حد ريڻي ڪينال ڀرسان ڳوٺ بگو دڙو ۾ هندو مارواڙي برادري جي پرڻيل عورت مٽڪان ٻائي زال وسند مارواڙي کي گهرو اڻبت تان مبينه طور وحشاڻي تشدد بعد قتل ڪري کين لاش کي ريگستاني واري علائقي ۾ دفن ڪري ڇڏيو جننهن بعد مقتولا عورت جي وارثن ريگستاني علائقي ۾ پوريل لاش هٿ ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو پر داد پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مقتولا جي وارثن عورتن، مردن ۽ ٻارڙن  پاران لاش ڏهرڪي ۾ جي ٽي روڊ تي رکي نٽهن اس ۾ هڪ ڪلاڪ تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مقتولا عورت جي ڀاءُ ٻڌايو ته اسان جي ڀيڻ مائي مٽڪان ٻائي کي سندس مڙس وسند مارواڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن وحشي درندي اسان جي ڀيڻ جو لاش 3 ڏينهن ريگستان جي دڙن ۾ دفن ڪري ڇڏيو جنهن بعد اسان کي ڀيڻ جي قتل ٿيڻ جي اطلاع تي اسان واقعي واري هنڌ پهچي ڀيڻ جو واري جي ڌڙي ۾ پوريل لاش هٿ ڪري دادلغاري پوليس کي اطلاع ڪيو پر اطلاع باوجود پوليس جوبدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ  توڙي کين گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هنن ايس پي گهوٽڪي کان اپيل ڪئي ته اسان جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي داد لغاري پوليس ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ مقتولا عورت جي سھري بالم مارواڙي کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته جوابدار وسند مارواڙي فرار ٿي ويو آهي جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف جاين ڇاپا ھنيا پيا وڃن هن کي به جلد  گرفتار ڪيو ويندو