ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهن:صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي :- ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهن، صوبائي حڪومت ۽ مقامي ماڻهن جي مرضي بنا ڪابه ترقي قبول نه آهي، صوبائي وزير سعيد غني ڪوسٽل اٿارٽي آرڊيننس کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان ترقي جي خلاف نه آهيون، پر ٻيٽن تي ترقي مقامي ماڻهن جي مرضي پٽاندڙ ٿيڻ گهرجي، آرڊيننس غلط آهي، سنڌ سرڪار اُن تي پنهنجو موقف واضح ڪندي