ڌرتي ڌڻي سنڌ جي حفاظت لاءِ ٻئي ڏينهن به سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي :- ڌرتي ڌڻي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ٻئي ڏينهن به سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، مظاهرا، ڌرڻا. تفصيل موجب ميرپورخاص ۾ وفاقي حڪومت پاران آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي جا اختيار سنڀالڻ جي تجويز خلاف ايس يو پي يوٿ فرنٽ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن خليل پنهور، راشد پنهور، لالا اظهر ، عبيد بنگلاڻي ، جهانگير پنهور ۽ ٻين سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن پر سنڌ ڌرتي جا پٽ اهڙي ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. دادو ۾ ٻئي ڏينهن به سول سوسائٽي ۽ قومپرست پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سول سوسائٽي جي دريا خان جهتيال، منصور پنهور، جسقم ضلعي دادو جي منصور جمالي، محبوب چانڊيو، اياز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار پار مظاهرا ڪيا ويا.  ميرپور ماٿيلي ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي ضلعي گھوٽڪي جي سڏ تي ڀٽائي چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل اڳواڻن  محمد رمضان ڪمال مھر، نصرالله ڪلادي، مير حسن، پريم پتافي، محمد موسيٰ، وحيد سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٺاروشاهه ۾ سول سوسائٽي ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پاران ٿاڻي آڏو عرفان ڏاهري، مشتاق رضا عباسي، امير علي سنائي، مختيار بالادي، رضا محمد بهڻ، جهانگير ڏاهري، نصير ابڙو قاسم سهتو، ظفر علي چارڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.  مظاهرن ۽ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچيءَ کي يونٽن ۾ ورهائڻ واري بيان تي وفاقي وزير قانون سنڌ کان معافي وٺي، هنن چيو ته ڪراچي ۾ ڪچرو نه کڻندڙ ڪاميٽي جي آڙ ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ چاهن ٿا، فروغ نسيم ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي سربراهه جو روح داخل ٿي ويو آهي، ڌرتي ڌڻي پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم جي اهڙي لسانيت واري سوچ خلاف متحد آهن. مظاهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن تي سنڌ اسيمبلي ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي.