ڌاڙيلن کين اهڙي جاءِ تي رکيو آهي، جتي پوليس ته ڇا پر فوج به نٿي پهچي سگهي : فنڪار جگر جلال

ڪراچي :- ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل مشهورفنڪار جگر جلال پوليس کي ڪچي ۾ آپريشن روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڌاڙيلن کين اهڙي جاءِ تي رکيو آهي، جتي پوليس ته ڇا پر فوج به نٿي پهچي سگهي. ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل جگر جلال ميڊيا سان فون ذريعي رابطو ڪندي پوليس جي اُن دعويٰ کي رد ڪيو ته هو ڌاڙيلن جي محفل ۾ ڳائڻ وڃي رهيو هو. جگر جلال جو چوڻ هو ته هو ڌاڙيلن وٽ نه پر ڪنهن ٻي محفل ۾ ڳائڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي تان ئي ڌاڙيل رستي تان ئي ساٿين سوڌو کنڀي ويا. هن چيو ته ڌاڙيلن کين اهڙي جاءِ تي مغوي بڻائي رکيو آهي، جتي پوليس ته ڇا پر فوج به نٿي اچي سگهي. جگر جلال سنڌ جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم عمران خان کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پوليس آپريشن بند ڪري، نه ته اسان جو نقصان ٿيندو.واضح رهي ته خانپور ڀرسان ڌاڙيل جگر جلال، سندس پُٽ، ڀاءُ ۽ ٻن سازندن کي اغوا ڪيو هو، جگر جلال سوڌو ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس گذريل ڏينهن ڪچي جي علائقي ۾ تيغاڻين خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڊي ايس پي رائو شفيع الله شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو هو.