ڊي جي ايف آءِ اي فارغ، ثناءُ الله عباسي نئون ڊي جي مقرر

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان فارغ ڪري سندس جاءِ تي خيبرپختونخواهه جي آءِ جي پوليس ثناءُ الله عباسي کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واجد ضياءَ کي ڊائريڪٽر جنرل پوليس بيورو مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي معظم جاه کي نئون آءِ جي پوليس خيبر پختونخواهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صلاح الدين کي ڪمانڊنٽ ايف سي مقرر ڪيو ويو آهي.