ڊي جي آءِ ايس پي آر فوج جو نمائندو آهي، اهو بيان ته ڪنهن سياستدان کي ڏيڻ گهرجي ها، پاڻ ئي واضح ڪيو ته منهنجي ادارن بابت بيان مان مراد ڪهڙو ادارو ٿي سگهي ٿو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد:- وفاقي حڪومت خلاف آزادي مارچ جي سلسلي ۾ اپوزيشن جماعتن طرفان جوڙيل رهبر ڪميٽي چيو آهي ته پارليامينٽ کان استعيفيٰ، شٽرڊائون، هڙتال ۽ سڄي ملڪ ۾ احتجاج تي غور ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ رهبر ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنوينر اڪرم دراني چيو ته اجلاس ۾ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو ۽ انهن تجويزن تي سڀ جماعتون خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو، ڪالهه رات اي پي سي ۾ فيصلو ٿيو هو ته رهبر ڪميٽي مستقبل جي حوالي سان فيصلو ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال، پ پ اڳواڻ نيئر بخاري ۽ اي اين پي جي افتخار حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سڀني جماعتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آزادي مارچ جو مقصد استعيفيٰ، نيون چونڊون ۽ فوج جي نگراني کانسواءِ آئين جي مڪمل پاسداري کي اڳتي وڌائڻ آهن، رهبر ڪميٽي ۽ اسان جي قيادت شروع کان ئي پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تجويزون غور هيٺ آهن، سڀني پارٽين جا نمائندا انهن تجويزن تي پنهنجي جماعتن سامهون رکي اڳتي وڌائڻ جو گڏيل طريقي ڪار طئي ڪندا. سندس چوڻ هو ته رهبر ڪميٽي برقرار رهندي، حڪومت رابطا ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ اسان رابطن جا مخالف ناهيون پر وزيراعظم جيڪا گلگت ۾ تقرير ڪئي ۽ پوءِ حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته استعيفيٰ تي اسان سان ڪير به نه ڳالهائي، انهن ٻنهي جو اهڙو لهجو مناسب ناهي، اهي سڀ کان پهريان پنهنجو لهجو درست ڪن. اڪرم دراني موجب جيڪڏهن اهي چون ٿا استعيفيٰ تي ناهي ڳالهائڻو، جڏهن ته اسان استعيفيٰ گهري رهيا آهيون ته پوءِ اهي ڪيئن ٿا چون رابطو ڪيو، اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اسان معاهدي تي قائم آهيون، لکن جي انگ ۾ ماڻهو آهن، جيڪي منظم آهن ۽ هڪ ئي حڪم جا پابند آهن، هڪ پَن به ناهي ڪِريو پر حڪومت رنڊڪون پيدا ڪيون. هن چيو ته سڀني غير جمهوري قوتن کي خبردار ڪيون ٿا ته جيڪڏهن موجوده صورتحال جو ناجائز فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ آئين کان مٿانهون قدم کنيو ويو ته سياسي جماعتون گڏجي ڀرپور مزاحمت ڪنديون. سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ ايندڙ حڪمت عملي بابت اڄ جيڪي تجويزون پيش ٿيون آهن، جنهن ۾ استعيفيٰ به غور هيٺ آهي، شٽر ڊائون به، هاءِ ويز، سڄي ملڪ کي بلاڪ ڪرڻ ۽ ضلعي سطح تي 20 تاريخ تي هر اهو ڪم، جيڪو ڪنهن به تحريڪ لاءِ ضروري هوندو آهي جي آپشنز تي غور ڪيو ويو. ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته آصف غفور پنهنجي بيان سان فوج کي جانبدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ته فوج جو نمائندو آهي، اهو بيان ته ڪنهن سياستدان کي ڏيڻ گهرجي ها، هن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڻ ئي واضح ڪري ڇڏيو ته جڏهن مون ادارن بابت ڳالهه ڪئي ته ان مان مراد ڪهڙو ادارو ٿي سگهي ٿو، مون کي ان جو اظهار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته اهڙي طريقي سان پاڻ کي سياست ۾ ملوث نه ڪيو وڃي ۽ اداري کي سياست کان پري رکيو وڃي، آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ڇو فوج جي اداري کي عوام سان ٽڪراءُ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پڇڻ چاهيان ٿو ته ڪهڙي بنياد تي اهو بيان ڏنو ويو آهي، فوج ته غير جانبدار ادارو آهي. سندس چوڻ هو ته ادارن بابت شروعاتي بيان عمران خان جي ان بيان جي جواب ۾ هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته فوج منهنجي پٺ تي آهي، تڏهن انهن ادارن کي واضح ڪري ڇڏڻ گهرجي ها، ان تي انهن خاموشي ڇو اختيار ڪئي؟