ڊي آءِ جي سکر رٽائرڊ ماستر جي ڪڌي ڪم واري معاملي جو نوٽيس ورتو

ٺري ميرواهه:- ٺري ميرواهه ۾ رٽائرڊ استاد پاران تعليم پرائڻ ايندڙ 9 ورهين جي نينگر سان بدفعلي ۽ ٽن نينگرن کي بدفعلي جي تربيت ڏيڻ جو انڪشاف، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي. مقدس پيشي جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو، پوليس جوابدار سارنگ شر تي ڪيس داخل ڪرڻ باوجود گرفتار ڪري نه سگهي. رپورٽ موجب ٺري ميرواهه ۾ معصوم ٻارڙن سان هڪ رٽائرڊ ماستر سارنگ شر جي ڪڌي ڪم ۾ ملوث هجڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف سوشل ميڊيا تي هڪ ڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٿيو آهي. ميرس ڪالوني ۾ رٽائرڊ استاد پاران نون ورهين جي نينگر ساحل مڱڻهار سان بدفعلي ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. وڊيو جي وائرل ٿيڻ کانپوءِ بعد ايس ايس پي خيرپور نوٽيس ورتو آهي. ايس ايس پي امير سعود جي هدايتن بعد متاثر نينگر جي پيءَ زاهد مڱڻهار جي فرياد تي ٺري ميرواهه ٿاڻي تي جوابدار سارنگ شر مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي نينگر ساحل مڱڻهار جي پيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار سارنگ شر ساڻس ظلم ڪيو آهي. زاهد مڱڻهار مطالبو ڪيو ته جوابدار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ رٽائرڊ استاد جون مختلف وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ هو معصوم ٻارڙن کان ڪڌو عمل ڪرائي سندن وڊيو ڀريندي ڏسي سگهجي ٿو. ميرس ڪالوني ۾ تعليم ڏيڻ بهاني ٻارن سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار سارنگ جي هڪ وڌيڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ٽيوشن وٺڻ لاءِ آيل ٽن شاگردن کي بند ڪمري ۾ ٽارچ (بتي) ٻاري ٻارن کي برو فعل ڪرڻ سيکاري رهيو آھي تعليم وٺڻ لاءِ آيل 3 شاگرد استاد سارنگ شر جي موجودگي ۾ ڪپڙن کان آجا ٿي هڪ ٻئي سان بدفعلي ڪري رهيا آھن جڏھن ته اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد وڌيڪ ٽنهي نينگرن جا والدين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ميرواھ ٿاڻي تي پهتا پر ڪيس داخل نه ٿي سگهيو جڏھن ته ماستر سارنگ شر جون چئن نينگرن سان غير اخلاقي حرڪتن جون وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٺري ميرواھ ۽ فيض گنج جي مختلف ڳوٺن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. هوڏانهن ميرواھ ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت جوابدار  سارنگ شر خلاف فريادي سڪندر جانوري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.