ڊاڪٽر ماها ڪيس جي مک جوابدار سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي:- ڊاڪٽر ماها جو والد آصف شاهه سان پهريون جهيڙو تڏهن ٿيو، جڏهن هُن سندس والده کي ڇڏيو هو، ماها کي والد گهر ۾ تنگ ڪندو هو، ڊاڪٽر ماها جي مبينا آپگهات واري ڪيس جو مُک جوابدار جنيد خان منظرعام تي اچي ويو، جنيد خان ڊاڪٽر ماها جي والد کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سيد آصف شاهه لالچي ماڻهو آهي، جنهن ڪمري ۾ ماها آرام ڪندي هئي، والد اُن ڪمري جي اي سي به بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ گهر ۾ اهڙا کاڌا تيار ڪيا ويندا هئا، جيڪي ماها کي پسند نه هجن، ڊاڪٽر ماها جي مامري ۾ هو به شڪايت داخل ڪرائي هئا پر کيس پوئتي ڪيو ويو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران جنيد خان چيو ته ماها جي ڳالهين مان لڳندو هو ته هوءَ گهر ۾ خوش نه هئي، ماها منهنجي زندگي بابت جيڪو ڪجهه ڳالهايو، اُهو وائيس ميسيج 2018ع وارو آهي، اُن کانپوءِ ماها سان ڪوبه واسطو نه رهيو