ڊاڪٽر ماها جو قتل يا آپگهات :عدالت فريادي ۽ جوابدار ڌُر جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڪراچي :- ڊاڪٽر ماها جو قتل يا آپگهات، ڪراچي جي مقامي عدالت فريادي ۽ جوابدار ڌُر جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سومر تي فيصلو جاري ٿيڻ جا امڪان، ٻڌڻي دوران جوابدار جُنيد جي وڪيل ماها جي والد سيد آصف شاهه طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سيد آصف شاهه الزام هنيو آهي ته ماها کي جُنيد نشي جو عادي بڻايو، جڏهن ته جُنيد نشو ڪندو ئي نه آهي، جنهن ڏينهن ماها کي گولي لڳي، اُن ڏينهن اسپتال نيئڻ لاءِ ايمبولينس جو ڀاڙو به جنيد ئي ڀريو هو