ڊاڪٽرن نوازشريف جو علاج پرڏيهه مان ڪرائڻ جي تجويز ڏني ته رستو ڏئي سگهون ٿا: اعجاز شاهه

ڪراچي:- وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڊاڪٽرن نوازشريف جو پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي تجويز ڏني ته رستو ڏئي سگهون ٿا.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري جو ڪيس تمام گهڻو مضبوط آهي ۽ ان جو فيصلو به عدالت کي ئي ڪرڻو آهي. هاڻي ڌرڻي جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي.گهرو وزير چيو ته چوڌري شجاعت جا مولانا فضل الرحمان سان لاڳاپا آهن انشاءَالله حڪومت پنهنجي مدت پوري ڪندي.اعجاز شاهه وڌيڪ چيو ته اسان  جا رابطا تمام سٺا آهن. اسان 28 درجا مٿي اچي ويا آهيون. جيڪڏهن اسان ڪجهه بهتر ڪيوسين ۽ صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وياسين ته پنج سال  ۽ ايندڙ پنج سال به اسان جا هوندا.