ڇرڪائيندڙ واقعن واري ورهيه جي پڄاڻي: نين اميدن ۽ امڪانن جو سال شروع

ڪراچي:-  2019ع جو سال آهن، دانهن، سڏڪن، خوشين، خواهشن ۽ عجب ۾ وجهندڙ خبرن سان پنهنجو مدو پورو ڪري گذري ويو ۽ 2020ع جو نئون سال نين آسن، امنگن، خدشن ۽ امڪانن کي کڻي داخل ٿيو آهي.گذريل سال يعنيٰ 2019 جي شروعات تبديلي سان ٿي. جنهن ۾ پاڪستان جا ٻه چيف جسٽس پنهنجو مدو پورو ڪرڻ بعد رٽائرڊ ٿيا.17 جنوري تي چيف جسٽس ثاقب نثار رٽائرڊ ٿيوجنهن کانپوءِ جسٽس آصف سعيد کوسا نئون چيف جسٽس بڻيو. ساڳئي سال چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رٽائرڊ ٿيو ۽ جسٽس گلزار احمد نئون چيف جسٽس بڻيو. ساڳئي مهيني جنوري ۾ المناڪ واقعي پيش آيو.19 جنوري تي معصوم ماڻهن کي دهشتگرد ڄاڻائي ڪٺو ويو. پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ پوليس دهشتگرد قرار ڏئي زال مڙس ( خليل ۽ نبيلا ) جو قتل ڪيو. ساڻن گڏ 13 ورهين جي اريبا ۽ ڊرائيور ذيشان کي به گوليون هيون ويون. قهري ڪارروائي ۾ ٻه ٻار عمر ۽ منيبا معجزاڻي طور بچيا. جيءُ جهوريندڙ واقعي جو وزيراعظم نوٽيس به ورتو، سڀني مذمتون ڪري انصاف جون خاطريون به ڪرايون، ڪيس به هليو پر ساڳئي سال 24 آڪٽوبر تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مڙني جوابدارن کي معصوم قرار ڏئي باعزت آزاد ڪيو.فيبروي ۾ پاڪستاني هوائي فوج 27 فيبروري تي ڪشمير ۾ گهڙي ڀارتي جهاز ڪيرائي هڪ پائيليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو جيڪو بعد ۾ خيرسگالي جذبي تحت ڀارت حوالي ڪيو ويو. هونئن ته 2019ع پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سال رهيو پر ساڳئي سال سکن لاءِ ۽ ڀارت سان دوستي جو هٿ وڌائڻ لاءِ پاڪستان ڪرتارپور راهداري کولي جنهن سان سک پنهنجي مذهبي پيشوا گرونانڪ جي گردواري جي زيارت ڪري سگهندا. 2019ع تي نواز شريف جا مرض به وڌيا جنهن سبب عدالت وسيلي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي ۽ هو هليو ويو. ساڳئي سال اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ مشرف خلاف اين آر او ڪيس ختم ڪيو ويو.ساڳئي سال تيز گام ريل سان خوفناڪ حادثو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 73 کان وڌيڪ ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا ۽ درجين زخمي ٿيا. 2019ع ۾ سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جو مدو وڌايو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ معطل ڪيو پر بعد ۾ اعليٰ عدالت حڪومت کي آرمي چيف جي مقرري لاءِ قانون سازي لاءِ ڇهن مهينن جو وقت ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي. ساڳئي سال عالمي عدالت ڀارت کي دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو تائين ڪائونسلر رسائي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندس آزادي واري درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو ته سندس سزا تي نظرثاني ڪئي وڃي.2019ع ان هائوس تبديلين جي خواهش جو سال به رهيو. پهرين آگسٽ تي اپوزيشن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي واري رٿ آندي،جيڪا حيرت جوڳي انداز ۾ ٽن ووٽن تان ناڪام ٿي وئي.پلاند طور حڪومت ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊي والا خلاف بي اعتمادي واري رٿ آندي جنهن جو اپوزيشن بائيڪاٽ ڪيو ۽ اهڙي ريت حڪومت رڳو پنهنجا 32 ووٽ حاصل ڪري سگهي ۽ ناڪام ٿي وئي. 2019ع پاڪستان جو عالمي سطح تي بهتر تاثر ڏيڻ وارو سال به ثابت ٿيو ڇاڪاڻ ته هن سال ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن آمر کي آئين ٽوڙڻ جي سزا ٻڌائي غدار قرار ڏنو ويو.خاص عدالت  اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي 2007ع ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو ته مشرف جيڪڏهن اڳئي مري وڃي ته سندس لاش گهلي ٽن ڏينهن تائين اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ٽنگيو وڃي.عدالتي فيصلي خلاف فوج جو به ڀرپور ردعمل سامهون آيو ۽ فيصلي تي ڪاوڙ ۽ اڻ تـُڻ جو اظهار ڪيو ويو،جنهن تي ملڪي سياسي وايو منڊل پڻ تبديل رهيو.2019ع ۾ ڳجهيون وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تي به زور رهيو، اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج ارشد ملڪ جي ڳجهي وڊيو بڻائي وئي جنهن سان پڻ سياسي ماحول گرم رهيو.ساڳئي سال نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي پڻ ڳجهي وڊيو سامهون آئي. وڊيو واري سلسلي ۾ حريم شاهه ڪافي اڳتي رهي ،وزيراعظم عمران خان سميت مختلف وزيرن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سندس وڊيوز بحث هيٺ رهيون.2019ع ۾ ئي اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر سڀني جماعتن جي هٿ ڪڍي وڃڻ بعد جمعيت علماءَ اسلام يعنيٰ مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ آزادي مارچ ڪاهي پهتو جيڪو ڪجهه ڏينهن بعد بنا نتيجي ختم ڪيو ويو.ساڳئي ئي سال نواز شريف جي علاج خاطر ضمانت ۽ پرڏيهه روانگي،آصف زرداري، فريال ۽ خورشيد شاهه جي ضمانت به ميڊيا جو سرگرم موضوع رهيون.پي ٽي آءِ سرڪار طرفان نيب جو ترميمي آرڊيننس به سال جي آخر جو سڀ کان وڌيڪ گرم موضوع رهيو،جيڪو ايندڙ سال به بحث جو موضوع رهندو.