ڇا ادارا بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪنهن کي به غائب ڪري ڇڏيندا آهن: ڇا سولين جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :  سپريم ڪورٽ ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جي ضمانت خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته ڇا سولين جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو ان معاملي تي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي معاونت ڪري، ڪالهه ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جي ضمانت تي آزادي خلاف بچاءَ واري وزارت جي اپيل تي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي، جسٽس مشير عالم ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ڪرنل انعام هڪ رٽائرڊ ڪرنل آهي، ان جي مٿان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيئن لاڳو ٿئي ٿو؟، ڪرنل انعام کي عدالتي حڪم تي آزاد نه ڪيو ويو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ساجد الياس ڀٽي چيو ته ڪرنل انعام کي آزادي ڏيڻ جا سبب الڳ آهن، جوابدار کي آزادي ڏني وئي آهي پر هن ۾ جاچ جاري آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته سولين مٿان ڪورٽ مارشل وارو قانون لاڳو نٿو ٿي سگهي، ڪرنل انعام جو ڪورٽ مارشل سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي خلاف ورزي هوندو، سول نوعيت جو ڏوهه عام ماڻهو ڪري يا فوجي ان جو ٽرائيل فوجداري عدالت ڪندي، ان کان علاوه وفاقي حڪومت جي اجازت کان بغير سول نوعيت جي ڏوهه تي ڪورٽ مارشل جي سزا نٿي ڏئي سگهجي، فوجداري عدالت کي اهو اختيار آهي ته سول ڏوهه ۾ ڪورٽ مارشل کي روڪي سگهي ٿي، جسٽس مشير عالم چيو ته ڇا ادارا بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪنهن کي به غائب ڪري ڇڏيندا آهن، جسٽس منيب اختر چيو ته ڪنهن به شخص کي سزا ڏيڻ کان پهريان ڪمانڊنگ آفيسر کي دليل سان فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، ان دوران پاڪ فوج جي قانون واري اداري جيڪ برانچ جي برگيڊيئر روسٽرم تي اچي عدالت کي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس جسٽس منيب اختر روڪيندي چيو ته اوهان عدالت جي اجازت کان بغير ڇو ڳالهايو آهي، اوهان کي ڳالهائڻو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل جي ذريعي ڳالهايو يا وري عدالت کان اجازت وٺو، عدالت جيڪڏهن اوهان کان ڪجهه پڇڻ چاهي ته پوءِ ڳالهايو، اوهان جو ڪم صرف ايڊيشنل اٽارني جنرل جي مدد ڪرڻ آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪرنل انعام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچي چڪو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين وڌيڪ جوابدار ڏيڻ لاءِ مهلت ڏئي، جنهن کانپوءِ عدالت ٽن هفتن تائين ملتوي ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته هو آرمي ايڪٽ جي شق 94 ۽ 95 سميت فوجداري قانون جي شق 549 تي تياري ڪري ۽ ان کان علاوه ڇا سولين جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو واري معاملي تي تياري ڪري، عدالت جي معاونت ڪيو.