ڇا اڄ حڪمران ڀُٽي واريون غلطيون پيا دھرائين؟: اياز لطيف پليجو

سر شاھنواز ڀٽو جي نوجوان، خوبصورت، قابل ۽ ھينڊسم فرزند ذوالفقار عليءَ کي پھريون ڀيرو وزيراعظم چوڌري محمد عليءَ جي سربراهي ۾ گڏيل قومن ۾ موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي ۽ پوءِ هو 1957 ع ۾ وزيراعظم حسين شهيد سهروردي جي وقت ۾ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جو دوري تي ويو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اڳتي ھلي هو گڏيل قومن جي 1958 ۾ بحري قانون بابت ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿيو ۽ سندس سياسي توڙي ڊپلوميٽڪ سفر جو ننڍڙو آغاز ڪيو. ان سياسي سفر کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ابتدائي طور اسڪندر مرزا ۽ پوءِ صدر ۽ آرمي چيف جنرل ايوب خان جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ سندن ھر ھدايت مڃي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ قدرت الله شھاب جو ڪتاب شھاب نامه پڻ پڙھي سگھجي ٿو. جڏھين ايوب خان سياسي طرح ڪمزور ٿي ويو ته ڀٽو صاحب فورن موقف تبديل ڪري سندس سخت مخالف ٿي پيو، ھن کيس عوام دشمن قرار ڏنو ۽ پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ ڪراچي ۾ راءِ عامه کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڀٽي صاحب ڪشمير خاطر ڀارت سان ھزار سالن تائين وڙھڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو.

اڳتي ھلي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب بجاءِ بنگالين جي جائز مطالبن جي حمايت ڪرڻ جي سندن جمھوري تحريڪ جي نه صرف مخالفت ڪئي، بلڪ پورو زور لڳايو ته اليڪشن ۾ اڪثريت ماڻيندڙ شيخ مجيب الحمٰن جي پارٽي عوامي ليگ کي جائز اقتدار ھرگز نه ملي. ان مقصد خاطر ھن ڍاڪا ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي سخت مخالفت ڪئي ۽ آمر جنرل يحيٰ خان جو ڀرپور ساٿ ڏنو.
عوامي ليگ اڳواڻ تاج الدين احمد 21 ڊسمبر تي پنهنجي بيان ۾ سختي سان اعلان ڪيو ھو ته چونڊن ۾ اسان جي پارٽي واحد اڪثريتي پارٽي ٿي ڪامياب ٿي آهي ۽ اسان کي مرڪز تي حڪومت ٺاهڻ جو پورو حق حاصل آهي. ان ريت هن اولھ پاڪستان يعني موجوده پاڪستان جي شڪست کاڌل پارٽي جماعت اسلامي کي پڻ اشارو ڏنو ھو ته اسانجو ساٿ ڏيو. پر تيسين ھلندڙ آپريشن، زيادتين ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو فائدو وٺي ڀارت فوجي حملو ڪري ڏنو ۽ بنگله ديش ڌار ٿي ويو.
ڊسمبر 1971 ۾ پاڪستان جي صدر طور جيئن ئي ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار سنڀاليو ، هن آرمي چيف ۽ صدر يحيٰ خان کي سندس گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو ۽ جنرل گل حسن کي فوج جي اڳواڻي ڪرڻ جو چيو. انهي کان پوءِ هن آرمي ، بحري ۽ هوائي فوج جي 44 سينيئر آفيسرن کي اھو چئي برطرف ڪري ڇڏيو ته، ”اهي ٿلھا ٿي چڪا آهن ۽ انهن پيٽ نڪري آيا آھن.“ اوڀر پاڪستان (بنگله ديش) ۾ شڪست پاڪستاني فورسز کي پوئين پير آڻي ڇڏيو ھو ۽ ذولفقار علي ڀٽي ان جو پورو فائدو ورتو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ، جنرل گل حسن به هن جي دل تان لهي ويو ۽ هن کي هڪ اھڙي چيف آف آرمي اسٽاف جي ضرورت ھئي ، جيڪو سندس هر حڪم تي اکيون ٻوٽي عمل ڪري.
اوون بينيٽ جونز پنهنجي ڪتاب ”دي ڀٽو ڊائينيسٽي، اسٽرگل فار پاور ان پاڪستان“ ۾ لکي ٿو ته ”ڀٽي ڪمانڊر ان چيف جنرل گل حسن کي ھٽائڻ جو حڪم سندس ٽائيپسٽ جي بدران هڪ سينئر ساٿيءَ کان لکرايو.“ جنرل گل حسن جي برطرفي واري حڪم کان پوءِ ھن غلام مصطفيٰ کر کي جنرل گل حسن سان گڏ لاهور موڪليو ته جيئن جنرل گل حسن ڪنھن ٻي سان رابطو نه ڪري سگھي.
فيصلي جي امڪاني مخالفت ڪندڙ با اثر عملدارن کي ڀٽي ھڪ فرضي اجلاس لاءِ طلب ڪيو ۽ جنرل گل حسن جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ تائين کين اتي ئي رکيو ويو. ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن تي پوليس مقرر ڪئي وئي ۽ پيپلز پارٽي راولپنڊي ۾ هڪ عوامي جلسو پڻ منعقد ڪيو ته متان ڀٽي صاحب کي عوامي حمايت جي ضرورت نه پئجي وڃي.
جنرل گل حسن کان پوءِ ، ڀٽي پنهنجي خاص ماڻھو جنرل ٽڪا خان کي پاڪستاني فوج جو سربراهه مقرر ڪيو. اقتدار جي ڪجهه مهينن اندر ، ڀٽي صاحب جو تڪبر ايترو ته وڌي ويو ھو جو هن سينيئر پارٽي ساٿين جي به توھين ڪرڻ شروع ڪئي. ڀٽو جي سوانح عمري ”پاڪستان جو زلفي ڀٽو “ ۾ اسٽينلي وولپرٽ لکيو آهي: ”2 جولاءِ 1974 تي، ڀٽي صاحب صدارتي معاملن جي وزير جي اي رحيم ۽ ڪيترن ئي ٻين سينيئر ساٿين کي ڊنر جي دعوت تي رات جو 8 وڳي گھرايو، پر ميزبان ڀٽو صاحب پاڻ اتي نه پهتو. جڏهن رات جا 12 وڳا ته جي اي رحيم پنهنجو گلاس ميز تي رکيو ۽ رڙ ڪندي چيو ”توهان سڀئي چمچا لاڙڪاڻي جي مهاراجا جي انتظار ۾ جيستائين چاهيو ڀلي ويھو، پر مان پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان. جڏهن ڀٽو صاحب دير سان ڊنر تي پهتو ته ، حفيظ پيرزاده صاحب کيس جي اي رحيم جي جملن بابت ٻڌايو. پوءِ آڌيءَ رات جو، وزيراعظم ڀٽو جو سيڪيورٽي چيف ان وفاقي وزير جي اي رحيم جي گهر ويو ۽ هن کي ايترو بيدردي سان ماريو جو هو بيھوش ٿي ويو. جڏهن جي اي رحيم جي پٽ سڪندر مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، تڏهن کيس به ماريو ويو.
ان دوران ڀٽي صاحب ھڪ طرف ته سڄي ملڪ جي عوام کي زبان ڏني، سنڌ جي عام ماڻھن لاءِ ترقي ۽ روزگار جي ڪئي رستا کوليا، اسلامي ملڪن ۽ چين سان تعلقات بھتر ڪيا، نوي ھزار قيدي آزاد ڪرايا پر ٻي طرف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سياسي مخالفن تي ڊي پي آر جا ۽ ٻيا انتقامي ڪيس داخل ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ سوين ماڻھو گرفتار ڪيا ويا. رسول بخش پليجو صاحب، جي ايم سيد صاحب، حفيظ قريشي صاحب، شھيد عوام فاضل راھو، ڄام ساقي صاحب، ابراھيم منشي، طارق اشرف، مير علي بخش ٽالپر، سيد عالم شاھ، عبدالواحد آريسر، مدد علي سنڌي، پٿر سنڌي، اسماعيل سوھو، شير خان لنڊ ۽ ٻيا سوين قومي ۽ ترقي پسند اڳواڻ ۽ ڪارڪن قيدي بڻيا. 1973 جي آئين ۾ درجنين بھتر ۽ مثبت اسمن سان گڏ، اھي شقون شامل ڪيون ويون ته پاڪستان جو ڪو به شھري ملڪ جي ڪنھن به حصي ۾ ملڪيت وٺي ۽ رھي سگھي ٿو ۽ اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. انھن ٻنھي شقن جي قيمت خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان کي اڃا تائين ڏيڻي پوي پئي. ان آئين ۾ ڏنل قومي اسيمبلي جي جوڙجڪ ڪري ٽن صوبن جي قومي اسيمبلي ۾ ڪڏھين به پيريٽي واري ۽ برابري واري حيثين نه ٿي سگھي آھي.
ڀٽي صاحب جي اقتدار دوران سنڌ ۾ وڏيرن ۽ سردارن کي بيحد طاقتور بڻايو ويو. ايٽم بم لاءِ ڪوششن، اسلامي بلاڪ، غير جانبدار ملڪن جي تحريڪ ۽ چين سان بھتر تعلقات قائم ڪرڻ تي آمريڪا بھادر وزير اعظم ڀٽي صاحب تي ڪاوڙجي پيو. اڳتي ھلي عالمي سامراج جي مدد سان وجود ۾ آيل مولوي صاحبان جي ٺاھيل پي اين اي جي اتحاد جي دٻاءُ کان پوءِ ڀٽي صاحب ملڪ مان آچر جي موڪل ختم ڪئي، باروز ۽ ڪيسينوز بند ڪيا ۽ احمدين تي پابندي وڌي. ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ جي خواھش تي نيشنل عوامي پارٽي جون ترقي پسند صوبائي حڪومتون ختم ڪيون ويون. ولي خان صاحب، نواب خير بخش مري صاحب, عطاالله مينگل صاحب، غوث بخش بزنجو صاحب، حبيب جالب صاحب، گل خان نصير صاحب، خان اميرزاده، بيرسٽر عزيزالله شيخ، ڪسور گرديزي ۽ ٻيا اڳواڻ جيلن ۾ وڌا ويا، انھن تي حيات شيرپائو جي قتل جو الزام به ھنيو ويو. حيدرآباد سازش ڪيس قائم ڪيو ويو ۽ بلوچستان ۾ آپريش شروع ڪرايو ويو.
جڏهن جنرل ٽڪا خان جو مدو ختم ٿيو ته هن ڀٽو صاحب کي ستن ممڪنه جانشينن جي هڪ لسٽ موڪلي، ٽڪا خان ڄاڻي ٻجھي جنرل ضياء الحق جو نالو نه وڌو ڇاڪاڻ ته هن کي تازو ئي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي. پر ڀٽو صاحب ان کي ئي آرمي چيف طور چونڊي ورتو. شايد سبب اھو هو ته ضياءُ ڀٽي کي خوش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. اوون بينيٽ جونز لکي ٿو، ”ڪيترائي ڀيرا جنرل ضياء ملڪ ۽ فوج جي خدمتن جي بدلي ۾ ڀٽي صاحب کي اعزازي تلوار پيش ڪئي. هڪ دفعي ھن ڀٽو صاحب کي آرمرڊ ڪور جو پگھار نه کڻندڙ چيف ڪمانڊر سڏيو هو ۽ ڀٽي صاحب لاءِ هڪ خاص فوجي يونيفارم به سبرايو ھئائين.“
ڀُٽي جي سوانح عمري ۾ اسٽينلي وولپرٽ لکي ٿو، ”جنرل ضياء ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏنو ته هو فوجي بغاوت ڪري سگهي ٿو. ڀُٽي ھن کي ڪڏهين به سنجيدگي سان نه ورتو ۽ ھن جي ڏندن تي چرچا پڻ ڪندو ھو. سندس بابت هڪ ڪهاڻي مشھور هئي ته هڪ ڀيرو جنرل ضياءَ سگريٽ پي رهيو هو ته اوچتو ڀٽو صاحب ڪمري ۾ داخل ٿيو. انهي خوف کان ته ڀٽي کي سندس سامهون سگريٽ پيڻ متان خراب محسوس ٿئي، ضيا ٻرندڙ سگريٽ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. ڪجهه دير کانپوءِ ، ڪمري ۾ سڙڻ جي ڌپ ٿي، تڏھين ڳالھ کُلي، ان تان ڀٽي صاحب سوچيو ته ايڏو فرمانبردار ماڻھو سندس خلاف بغاوت ڪيئن ڪري سگھندو.
ان دوران ملڪ ۾ ڀٽو حڪومت خلاف پي اين اي جا احتجاج شروع ٿي ويا ۽ ڀٽي صاحب جي سخت ڪوششن جي باوجود امن امان بحال نه ٿي سگھيو. ڀٽو صاحب پنھنجي ڪئي ڪمزورين باوجود نه ڪرپٽ ھو ۽ نه ئي بزدل. ھن حالتن جي سنگيني جو ھمٿ سان مقابلو ڪرڻ چاھيو پي پر تيسين عالمي طاقتون کيس ھٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪيو ھيون ۽ ھينري ڪسنجر اھڙي وارننگ به ڏئي چڪو ھو. لاهور ۾ ٽن آفيسرز احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هڪ جاءِ تي سپاهين فائرنگ ڪرڻ جو حڪم ته مڃيو، پر انهن مظاھرين جي سرن کان ڪجھ مٿي صرف ھوائي فائرنگ ڪئي. اوون بينيٽ جونز لکي ٿو، ”ڀٽو جي سڀ کان وڏي غلطي ڪمانڊرن کي پنهنجي مخالفن سان ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ هو.“ هو لکي ٿو، ’ڀٽو جي نقطه نظر کان، هو ملڪي فوج سان گڏ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر عملدارن انهن کي مختلف طور تي ڏٺو. هنن جي نظر ۾ ، ڀٽو صاحب جي ان ڪوشش ظاهر ڪيو ته هو ڪمزور ٿي چڪو ھو ۽ ھاڻ وڌيڪ حڪومت هلائڻ جي پوزيشن ۾ نه رھيو هو.“
سمورين مخالفتن جي باوجود ڀٽي صاحٻ 7 مارچ 1977 تي عام چونڊون ڪرايون، پر عام پاڪستانين چونڊن جي نتيجن تي ويساھ نه پي ڪيو. ڀٽي جي پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي جي 200 سيٽن مان 155 حاصل ڪيون، جڏهن ته مخالف پاڪستان نيشنل الائنس صرف 36 سيٽون حاصل ڪيون. 1970 جي چونڊن ۾ جڏھين پيپلزپارٽي مقبوليت جي انتها تي هئي ته ان وقت به ان کي صرف 39 سيڪڙو ووٽ مليا ھئا پر ھنن 1977 جي چونڊن ۾ کين سطت مخالفت باوجود 55 سيڪڙو ووٽ ملڻ تي ڪنھن کي به يقين نه پي آيو. ان اليڪشن دوران سنڌ ۾ محمد فاضل راھو، اسماعيل سوھو ۽ ٻين درجنين اميدوارن خلاف سخت زيادتي ۽ ڌانڌلي پڻ ڪئي وئي.
ڌانڌلين ۽ ٽڪراءُ وارين انھن اليڪشنز کانپوءِ واري ماحول جو حوالو ڏيندي، ڀٽي صاحب جو وزير ڪوثر نيازي پنهنجي ڪتاب ”پريميئر ڀٽو جا آخري ڏينهن“ ۾ لکي ٿو، ”ڀٽو صاحب وزيراعظم جي رهائش گاهه تي حفيظ پيرزادي ، رفيع رضا ۽ سندس ٻن دوستن سان گڏ ويٺو ھو. پيرزادي کي ڏسندي هن پڇيو، ”حفيظ ڪيترين سيٽن تي ڌانڌلي ٿي ھوندي؟“ حفيظ جواب ڏنو ٽيھن يا چاليھن تي. ڇا اسان مخالف ڌر کان انهن سيٽن تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ نٿا چئي سگهون؟ اسان انهن سيٽن تي انهن جي خلاف اميدوار نه ويهنداسين.“ ڀٽي چيو ۽ سڀ ماٺ ٿي ويا.
قلمڪار ريحان فضل لکي ٿو ته ڀٽي صاحب چاهيو ٿي ته هو لاڙڪاڻي مان بنا مقابلي چونڊجي وڃي، جڏهن ته سندس صلاحڪار رفيع رضا ان جي سخت مخالف هئي. پي اين اي جي بيٺل اميدوار کي ڀٽي جي خلاف چونڊ وڙهڻ عيوض هڪ ٻي سيٽ جي آڇ ڪئي وئي هئي ۽ ٻڌايو ويو هو ته هو بنا مقابلي اتان کٽي ويندو. ھن اميدوار اھا آڇ قبول نه ڪئي. نتيجي ۾ ان کي اغوا ڪيو ويو ته جيئن ھو پنهنجا نامزدگي ڪاغذ داخل نه ڪري سگھي. اوون بينيٽ جونز لکي ٿو ته حفيظ پيرزادي جونز کي چيو هو ته ان واقعي سان گڏ چونڊن جي گڙٻڙ شروع ٿي چڪي هئي. ڀٽي کي ڏسي پيپلز پارٽي جي ارڙھن ٻين اميدوارن به بنا مقابلي چونڊجڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
نامور پاڪستاني صحافي خالد حسن پنهنجي ڪتاب ”ريئر ویو مرر: فار ميمائرز“ ۾ لکيو آھي ته ’ڀٽي جي صلاحڪار راجا انور ، ضيا جي مارشلا کان ٿورو ئي اڳ، ڀٽي صاحب ۽ اڳوڻي چيف جنرل ٽڪا خان وچ ۾ ملاقات ڏٺي ھئي. ان ۾ ڀٽي صاحب جنرل ٽڪا خان کي چيو، ”جنرل ، توهان کي ياد آهي ته توهان ضياالحق کي آرمي چيف بڻائڻ جي مخالفت ڪئي هئي، هاڻي توهان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته مون صحيح فيصلو ڪيو هو. جيڪڏهن ڪو ٻيو آرمي چيف هجي ها ، ته اهو امن و امان جو بھانو ٺاهي اقتدار تي قبضو ڪري وٺي ها.“
ستم ظريفي اھا ٿي ته صرف ستن ڪلاڪن بعد جنرل ضياء ائين ئي ڪيو.
گرفتاري کان پوءِ ڀُٽي صاحب تي سندس سياسي حریف محمد احمد خان قصوري کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. سرڪاري شاهد محمود مسعود شاھدي ڏني ته ذوالفقار علي ڀٽي هن کي قصوري کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
وڪٽوريا شوفيلڊ پنهنجي ڪتاب ”ڀٽو ٽرائلز ۽ سزائون“ ۾ لکي ٿي ته ”جج مولوي مشتاق حسين ڪيس ٻڌندڙ پنج رڪني بينچ جو سربراهه هو ۽ ڀٽي صاحب سان سندس پراڻي دشمني هئي. جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ هو ته هن ٻه ڀيرا سندس جونيئر ججن کي ھن کان اڳ پروموٽ ڪيو ھو. ٻڌڻي دوران جڏهن ڀٽي صاحب عدالت ۾ ڪٽھڙي ۾ ويھڻ تي اعتراض ڪيو ته جج مولوي مشتاق طنزيه چيو، ”اسان کي خبر آھي ته اوھين آرام ده زندگي جا عادي آھيو، انڪري اوھان لاءِ خاص ڪرسي رکي وئي آھي، ٻي صورت ۾ توهان عام مجرمن وانگر بينچ تي ويٺا ھجو ھا.“
اڳتي ھلي انتقام پسند مولوي مشتاق ھن چونڊيل ۽ ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبوليت رکندڙ وزير اعظم کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڀٽي صاحب ان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. فيبروري 1979 ۾ سپريم ڪورٽ پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ٽن جي مقابلي ۾ چار ججن جي اڪثريت سان برقرار رکيو ويو. ان دوران پيپلز پارٽي جا سڀ وزير، سڀ ذاتي دوست، سڀ فائدا ماڻيندڙ ۽ پي پي جي سموري مرڪزي توڙي صوبائي قيادت، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرز مصيبت ۽ قيد وقت سندن قائد ڀٽي صاحب کي اڪيلو ڇڏي ماٺ ڪري ويھي رھيا، صرف سندس گھر ڀاتي، زال، پٽ ۽ ڌيءُ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا.
ڀٽي صاحب اقتدار ۾ اچڻ کان پوءَ ھارين ۽ مزدورن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ آرگنائيز ڪرڻ جي ڪا به ضرورت محسوس نه ڪئي ھئي، ھن انھن سان ڪيل ڪئي واعدا به وساري ڇڏيا ھئا. ھاڻ ھو مڪمل طور وڏيرن ۽ ڪروڙ پتين جي گھيري ۾ ھو، انڪري ھيٺين طبقن سان تعلق رکندڙ عوام کيس بچائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا نه ڪري سگھيو. پي اين اي تحريڪ ۽ حيدرآباد سازش ڪيس جي ڪري مُک بلوچ ۽ پختون ليڊر به ڀٽي کان لاتعلق رھيا. سنڌ مان ھن ناجائز ڦاسي جي سزا جي مخالف صرف رسول بخش پليجو ۽ سندس پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ۽ سنڌ جي اديبن، صحافين ۽ شاعرن ڪئي، مختلف ملڪن جي سربراھن جي رحم جي اپيلن جي باوجود آمر ضياء ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جو پختو ارادو ڪيو ويٺو ھو ۽ آخرڪار معاملو رحم جي درخواست تي اچي پھتو، ڀٽي جي ڀيڻ شھربانو امتياز جنرل ضيا کي رحم جي اپيل ڪئي ۽ پوءِ بقول ريحان فضل جي پهرين اپريل 1979 جي شام جو ، جنرل ضياءَ ڳاڙھي رنگ جي مس سان ٽن لفظن ۾ لکيو، ”پٽيشن از ريجيڪٽڊ.“
آخرڪار عوام کان ڪٽجي ويل، غلط پاليسين جي ڪري سياسي طور اڪيلو ٿي ويل ۽ ساٿين ۽ پارٽيءَ پاران دوکو ڏنل ذوالفقار علي ڀٽي کي 4 اپريل 1979 تي 51 سالن جي عمر ۾ آمر ضياء ھڪ اھڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏيارائي جنھن ۾ مٿس صرف سازش جو الزام ھو ۽ ڪيس موجب جاءِ واردات تي ھو موجود ئي نه ھو. شايد اڳتي ھلي پاڪستان جي انتھاپسندي، اقتصادي بدحالي، اڻبرابري، ڪرپشن ۽ دھشتگردي جي گھيري ۾ اچڻ جا ٻه اھم ترين سبب ھڪ بنگال جو ورھاڱو ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ئي بڻيا ھئا.
اياز لطيف پليجو

(مختلف واقعا ۽ حقيقتون مختلف ڪتابن، اخبارن ۽ تحريرن مان ورتا ويا آھن ۽ ڪجھ پيراگراف ڪتابن تان سنڌي ۾ ترجمو به ڪيا ويا آھن.)