ڇا اسين اڪثريت ڪرپٽ قوم آهيون ؟ سهيل ميمڻ

میں نے ڈهاکہ ڈوبتے دیکها جو مصنف برگيڊيئر صديق سالڪ لکي ٿو ته ريڊيو ڊهاڪه تي قومپرستي وارا گانا پئي هلايا ويا ته فوجي حڪومت حڪم ڪيو ته ريڊيو تان هر قسم جا گانا بند ڪيا وڃن صرف نعت ۽ مولود هلندا . بنگالين حڪم تي عمل ڪيو ۽ سڄو ڏينهن هڪ ئي نعت پئي رپيٽ ڪري هلايائون . ای اللہ , میری کشتی پار لگادے . ” کشتی ” مجیب جو الیکشن نشان هو . اهڙي قومپرستي کي اسان ڪيئن پئي شڪست ڏئي سگهياسين . ٻي پاسي سنڌي قوم آهي . 1. سيڪريٽريٽ ۾ 80 سيڪڙو سنڌي . پر لٽين به سنڌين کي ٿا بنا رشوت فوتي ملازم جي پينشن به پاس نه ٿا ڪن . 2. ڌارين کي لکين شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارا به سنڌي جوڌا . 3. اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو به سنڌي ته 90 سيڪڙو مريض به سنڌي پو به دوائون چوري ته اسپتالون رحم جوڳي حالت ۾ . 4. اسڪولن , ڪاليجن , يونيورسٽين ۽ بورڊ ۾ سنڌين جا ٻار ۽ عملو به 80 سيڪڙو سنڌي .اتي به لٽ مار ڪرڻ وارا پنهنجا سنڌي . 5. سڄو ٿر سنڌي ۽ ٿر جي لاِء پيئڻ جي پاڻي لاِء RO پلانٽ جا اربين رپيا لٽڻ وارا به سنڌي . 6. زمينداري جو ڪم سڀ سنڌين جو پر پوِء به انهن جو پاڻي چوري , ايريگيشن عملو توڙي پاڻي چورائڻ وارا به سنڌي . 7. نيشنل هائي وي اٿارٽي جو انجنيئر پنجاب م جي 10 سيڪڙو ڪميشن ( رشوت وٺي ٿو ) ته سنڌ ۾ ساڳيو . ساڳي پوسٽ تي 30 سيڪڙو وٺي ٿو. ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ وارا به سنڌي . 8. ڪراچي جو زمينون هير ڦير ڪري ڌارين کي ڏيڻ وارو دي سي . مختيار ڪار .تپيدار 90 سيڪڙو سنڌي . پيپلز پارٽي ۾ اها ڪوالٽي آهي ته ڇڪي ڪرپشن ڪندا آهن ۽ پوري قوم کي به ڪرپشن تي لاهيندا آهن . پٽيوالي کان ويندي سيڪريٽري تائين شل ئي ڪو بچل هجي . بيوائن. يتيمن . مسڪينن ۽ مجبورن جا جائز ڪم به مجال آهي جو حرام کائڻ کان بنا ڪو آفيسر ۽ ڪلرڪ ڪري . سونے پر سہاگہ ا هو تہ ملڪ جا مالڪ ان پوري پريڪٽس ۾ خوش آهن . اهي ان ڪرپشن کي پنهنجي مقصد لاِء استعمال ڪن ٿا . جنهن ۾ ڪم پوين ٿو ان کان ڪرائين ٿا . جيڪو ٿورو آئين بائين ڪري ٿو ان تي ڪيس ٿا ڪن ۽ وري ڊيل ڪري ڇڏي ڏين ٿا . هڪ اڪثريت ڪرپٽ قوم , هڪ مجبور ۽ غلام قوم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي . پنهجي ٻارن کي حرام ۽ حلال . ڪرپشن ۽ ايمانداري . ڪوڙ ۽ سچ جي فرق بابت ٻڌايو نه ته هي مستقبل ۾ مس فٽ نيشن ٿيندا ڇاڪاڻ ته دنيا سڌري وئي آهي صرف اسان واري ملڪ جهڙا پنج ست دو نمبري ملڪ ئي وڃي بچيا آهن