ڇاڇري شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران زور وٺي ويو, ٽيھه هزار آبادي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان

ڇاڇرو:- ڇاڇري شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران زور وٺي ويو آهي، شهر جي ٽيھه هزار آبادي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آهي، شهر کي مٺو پاڻي ملڻ سالن کان بند ٿي ويو آهي پر عام واهپي جي استعمال لاءِ کارو پاڻي جيڪو ٽيوب ويلن ذريعي ٿيندو هو اهو به مڪمل طور بند ٿي ويو آهي، شهرين رحمت الله سميجو، دين محمد، نظر علي، جمال الدين ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهيون پر پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي سري، پبلڪ هيلٿ انتظاميا مڪمل طور گم ٿي وئي آهي، جيڪا مٺي تائين محدود آهي. فون ذريعي سسٽم کي هلائيندي هئي اهو به ٻن کان ٽن مهينن کان مڪمل طور اموش بڻيل آهي، هر مهيني لکين رپين جي پاڻي بجيٽ اچي ٿي جيڪا صرف ڪاغذن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪئي وڃي ٿي، پر سرزمين تي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن،ڪيترائي ڀيرا پبلڪ هيلٿ وارن جي آفيس اڳيان ڌانهون ڪيو پر هنن جواب ۾ چيو ته مٿي تائين پئسا وٺن ٿا اسان وٽ ايترا فنڊ نٿا بچن جو پاڻي جو مسئلو مڪمل طور حل ڪرائي سگهون، شهرين دانهيندي چيو ته مٺي پاڻي جو واحد آر او پلانٽ هو جيڪو گذريل هڪ سال کان مٺو پاڻي ڪرڻ وارو سسٽم خراب ٿي ويو آهي،جنهن جي مرامت لاءِ ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي ۽ ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ کي هلائيندڙ ٺيڪيدار ڪمپني پاڪ اوسميس به منظر تان مڪمل طور غائب ٿي وئي آهي،شهرين پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ڇاڇرو واسين نيب کان اپيل ڪندي چيو ته ڇاڇرو ۾ پاڻي جي مد ۾ ايندڙ گذريل پنج سال کان ايندڙ ڪروڙين جي بجيٽ جي جاچ ڪري ڪرپشن ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهر ۾ پاڻي جو بنيادي مسئلو حل ڪرائي شهرين کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.