ڇاڇرو ڀرسان مندر تي حملو: شرپسند ڀڃ ڊاهه ۽ مورتين جي بيحرمتي ڪرڻ بعد فرار:

ڇاڇرو : ڇاڇرو ڀرسان شرپسند مندر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ مورتين جي بيحرمتي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. پوليس پيرا کڻي رواني ٿي وئي. هندو برادري طرفان واقعو سنڌ ۾ فساد پکيڙڻ جي سازش قرار ڏيندي شرپسندن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ڀٽياڻي مندر تي اڻڄاتل شرپسندن حملو ڪري مندر اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ مورتين جي بيحرمتي ڪئي، جنهن کانپوءِ شرپسند فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي هندو برادري جا ماڻهو ۽ پوليس پهچي وئي، جنهن بعد پوليس شرپسندن جا پيرا کڻي رواني ٿي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پيرا کڻڻ سوڌو ٻين طريقن سان شرپسندن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جيڪو به واقعي ۾ ملوث هوندو، اُڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي هندو برادري جي اڳواڻن مندر تي حملي ۽ بيحرمتي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ لاءِ سازش تحت مندر جي بيحرمتي ڪئي وئي آهي. شرپسند صوبي ۾ مذهبي بُنيادن تي فساد پکيڙڻ جي سازش ڪئي آهي. ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.