چپڙي يڪتاري جو بادشاهه فنڪار جلال چانڊيو جي ياد : ليکڪ حميد خاصخيلي

جڏهن سنڌ جي موسيقي، سنڌ جي راڳ، يڪتاري ۽ چپڙي جي ڳالھه ڪبيءَ ته سنڌ جا ڪيترائي صدا ملوڪ سُندر آواز ذهن تي تري ايندا، انهن ۾ گھڻي پذيرائي ماڻيندڙن مان جلال چانڊيو به هڪ آهي. جنهن سنڌي موسيقيءَ ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام حاصل ڪيو. جلال چانڊئي  1944ع ڌاري ضلعي نوشهروفيروز جي ڦل شهر جي ڳوٺ هڙپال ۾ حاجي فيض محمد چانڊئي جي گھر جنم ورتو. هو نصابي تعليم حاصل ڪري نه سگھيو ته والدين کيس ٻڪريون چارڻ لاءِ وٺي ڏنيون. هي ٻالڪ ٻڪريون چارڻ دوران انهيءَ دور جي فنڪارن جا ڳايل ڪلام جهونگاريندو رهندو هو. ٿورو وڏو ٿيو ته مائٽن کيس درزڪو ڌنڌو سيکارڻ جي لاءِ نوان جتوئي ۾ ڇڏيو جتي هن جي ڦوهه جوانيءَ تي عشق پنهنجا اثر ڇڏيا. انهيءَ عشق هن کي آلاپڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. نيٺ هن درزڪو ڌنڌو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي تر جي ميلن  ۽ محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هو راڳ جي باقاعدگي سان سکيا وٺڻ لاءِ ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر جي شاگردي هيٺ به رهيو. پوِءِ استاد جي اجازت سان 1973ع کان هن الڳ ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري چپڙي تي هن جي ڳائڻ واري نرالي انداز ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، انهيءَ وقت سنڌ جي ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائيندڙن جي تمام وڏي مقبوليت هئي. جلال جي انوکي آواز انهن فنڪارن جي سنڌ مان پڄاڻي ڪري ڇڏي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايل گيتن “هل نه مٺوءَ ايڏي لوڏ ڪري، جانب جان جلائين ٿو ۽ ڳنڍي نهين ناتونڀائڻ نه آئين” تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اُن دور ۾ ريڊيو ۽ ٽيپ جو عروج هو. رڪارڊ ڪرايل گانن ۽ گيتن جون مختلف ڪمپنين ڪيسيٽون به ڪڍيون. ڪيسٽن توڙي محفلن مان هن وڏو ناڻو ڪمايو. جلال چانڊئي کي پاڪستان کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي به شوق سان ٻڌندا آهن. اهو پهريون سنڌي فنڪار آهي جنهن جي زندگي تي 1985ع ۾“جلال چانڊيو” نالي فلم به ٺاهي وئي. سنڌي فلم حيدر خان سميت ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ سندس گيت فلمايا ويا. جلال چانڊيو اهو واحد فنڪار آهي، جنهن جون 10 هزار کان مٿي مارڪيٽ ۾ ڪيسٽون آيون، هن سنڌي کانسواءِ اردو ۽ سرائيڪي ۾ به ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. اها سندس وڏي ذهانت هئي جو هو اڻپڙهيل هوندي به هر گيت ياد ڪري ڳائيندو هو، کيس هزارين ڪلام ياد هوندا هئا. هن لطيف سائين، بابا غلام فريد، سچل سرمست، دادن فقير، ميهر فقير، پيرل قمبر، عبدالخالق عبد، راشد مورائي، فقير جانڻ چن، بيدل بيڪس، استاد بخاري ۽ تاجل بيوس سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پنهنجي آواز ۾ ڳائي کين متعارف ڪرايو. جلال جي هر نئين ايندڙ ڪيسٽ جو ٻڌندڙن کي شدت سان انتظار هوندو هو. هن فنڪار کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهو دعوتن ۾ هزارن جي انگ ۾ گڏ ٿي ويندا هئا. هونئن ته سمورن درويشن جي درگاهن تي حاضري ڏيندو هو پر پنهنجو مرشد شاهپور جهانيان جي مهدي شاهه کي ڪيائين.

جلال چانڊيو هڪ فنڪار سان گڏ تر جو مشهور زميندار، يار ويس، مهمان نواز ۽ خوش مزاج سخيءَ مرد به هو. هو قبيلن ۽ برادرين جا نبيرا ڪري تڪرار ۽ رنجشون به ختم ڪرائيندو هو. ڀلا گهوڙا، ڀليون مينهون ۽ ڀلا ڍڳا ڌارڻ سندس شوق هوندو هو. فني خدمتن عيوض کيس لطيف ايوارڊ، سچل، شهباز ايوارڊ ۽ سوني تاج سميت ڪيترائي  ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ مليا. جلال چانڊئي ابوظهبي، مسقط، هانگ ڪانگ ۽ دبئي ۾ فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي. هن يڪتاري چپڙي جي بي تاج بادشاهه جي اڌ عمر گذرڻ کانپوءِ سندس بڪين ۾ تڪليف ٿي، جنهن کانپوءِ هو 10 جنوري 2001ع تي سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي حقيقيءَ مالڪ سان وڃي مليو. اڄ ڏينهن تائين ثقافت پاران سندس ياد يا ورسي جي موقعي تي اڄ به سندس ڪيترائي شاگرد عرس چانڊيو، آخري جلال.گرم جلال، صفا جلال سميت ڪيتراڻي شاگرد گيت ڳائي رهيا آهن. سندس اولاد ۾ دلبر جلال جي چوڻ مطابق هن شير فنڪار جي سنڌ ثقافت کاتي پاران صرف مزار کي پڪو ڪرايو آهي جنهن بعد ڪڏهن به هن جي اولاد سان ڪوبه حال نه اوريو آهي نه ئي ڪا ثقا فت پاران ورسي جي مناسبت سان ڪو پرو گرام ڪيو آهي.