چين ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 15 ماڻهو فوت:بيجنگ طرفان سفر تي پابنديون

بيجنگ:- چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 56 کان وڌي ويو، جڏهن ته صدر شي جن پنگ ملڪ ۾ وائرس پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.چيني اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس پکڙجڻ سان فوتين جو انگ هاڻ 56 ٿي ويو آهي.بيجنگ حڪومت متاثر شهرين طرفان سفر تي پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن، جڏهن ته واڌو طبي عملي جي مقرري سميت دوائن جي وڏي کيپ به وائرس جي سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ شهر ووهان ۽ ٻين شهرن ڏانهن روانو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.اختيارين ووهان کان ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪندڙن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ان شهر کان ڪنهن به ٻئي شهر روانو ٿيڻ کان اڳ ڪميونٽي هيلٿ اسٽيشن ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرايو ۽ کين گهٽ ۾ گهٽ 14 ڏينهن تائين طبي نگهداشت ۾ رکيو ويندو.هوڏانهن چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ آهي ته اسان سنگين صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڇو ته اختيارين کي وائرس پکڙجڻ کان روڪن لاءِ تڪڙو ايڪشن وٺڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون.