چين ۾ ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ وڌيڪ 143 ماڻهو موت جي منهن ۾ هلياويا، مجموعي طور انگ 1523 ٿي ويو.فرانس ۾ 80 ورهين جو چيني سياح ڪورونا وائرس سبب فوت

بيجنگ : چين ۾ ڪورونا وائرس سان گذريل ڏينهن وڌيڪ 143 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن. مري ويلن جو انگ 1523 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهون جو مجموعي انگ 67 هزار 492  ٿي ويو آهي. چين جي صحت واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هوبي صوبي جي علائقي ووهان ۾ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 143 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا جنهن بعد مريل ويل جو انگ 1523 ٿي ويو آهي. انتظاميه مطابق ڪورونا وائرس جي متاثر هڪ هزار 81 ماڻهن کي صحتيابي بعد اسپتالن ۾ ڊسچارج ڪيو ويو  آهي. جنهن بعد مڪمل طور تي صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 6723 ٿي ويو آهي. چين جي صحت کاتي مطابق ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جي شعبي ۾ 67 هزار 492 ڪيسن جي نشاندهي ٿي جن ۾ 26905 کي نگراني بعد ڊسچارج ڪيو ويو جڏهن ته 177984 ماڻهن جي نگراني ڪئي پئي وڃي. 28 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ 52، ميڪائو ۾ 10 ۽ تائيوان ۾ 18 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا آهن. ڪورونا وائرس يورپ ۾ به هڪ شخص کان حياتي کسي ورتي.پرڏيهي خابرو اداري موجب فرانس جي صحت واري وزير ايجنس بوزين جو چوڻ هو ته فرانس ۾ 80 ورهين جو چيني سياح ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ايشيا کان ٻاهر ڪورونا وائرس سان پهرين موت جي تصديق ڪئي وئي آهي.فرانس جي صحت واري وزير موجب اسان کي متاثر شخص جي موت جو اطلاع جمعي جي شام مليو، جيڪو جنوري جي آخر کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ سندس صحت ۾ ڪنهن به قسم جي بهتري نه پئي آئي، ويتر سندس حالت خراب ٿيندي وئي.