چين ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 96 ماڻهو فوت، سڄي دنيا ۾ 78 هزار ماڻهو متاثر

بيجنگ : چين ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 96 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ 2 هزار 442 ٿي ويو. چيني سڌ سماءِ جي ذريعن مطابق سڄي دنيا ۾ متاثر ماڻهو جو انگ 78 هزار 599 ٿي ويو. ايران ۾ 6 ۽ اٽلي ۾ 2 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. چين جي علاوه خطرناڪ وائرس جي تباه ڪاريون سڄي دنيا ۾ ڦهلجي رهيون آهن. چين ۾ وڌيڪ 630 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. ايران ۾ 28 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق بعد متاثر مريضن کي ايران جي شهر قم جي هڪ اسپتال ۾ ڌار رکيو ويو آهي. اٽلي جي وزيراعظم جو ڪرونا وائرس سبب متاثرن علائقن ۾ وڃڻ تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ به 123 ماڻهو متاثر ٿيا آهن.