چين ۾ ڦاٿل سنڌ واسي شاگردن جا وارث سخت پريشان، وفاق کي مدد جون اپيلون

ڪراچي:- چين ۾ ڦاٿل سنڌ واسي شاگردن جا وارث سخت پريشان آهن، وفاق کي مدد جون اپيلون ڪيون پيون وڃن. ڪوٽڙي واسي ٻه ڀينرن چائينا جي شهر جنزو ۽ نينگ شهر ۾ جهانشير بلوچ چائينا ۾ ڦاٿل,ٻنهي ڀيڻين جي وطن واپسي ڪرڻ واري اپيل جي ويڊيو وائرل ٿي وئي ,ٻنهي ڀينرن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي ,ٽنهي ڪوٽڙي واسي شاگردن جي ماء پي وفاق سرڪار کان نياڻين ۽ نوجوان کي جلد واپس آڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي,ڪوٽڙي جي ٽيلگيراف ڀرسان محمود شاھ ڪالوني جي رهواسي روشن علي سومرو جون ٻه نياڻيون ڊاڪٽر رابيعا سومرو,ڊاڪٽر سميا سومرو پنهنجي ڊاڪٽر جي ڊگري چائينا جي شهر جنزو ۾ مڪمل ڪري ڇڏيون آھن جڏهن ته ڳوٺ يوسف بلوچ واسي جلال رند بلوچ جو نوجوان پٽ ميڊيڪل جي ٿرڊيئر جو شاگرد جهانشير خان بلوچ چائينا ۾ اوچتو ڪرونا وائرس سبب پاڪستان جي ٻين شهرن جيان ڪوٽڙي واسي ٻه ڀينرن ۽ نوجوان کي به روڪيو ويو آھي ٻنهي ڀينرن ڊگري حاصل ڪري ورتي هئي پر چائينا انتظاميه کين وائرس پکڙجڻ بعد هاسٽلن تائين محدود رکي ڇڏيو آھي . چائنا ۾ ڪرونا وائرس ڦھلجڻ سبب سول انجنيئرنگ واري شعبي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان شاگرد عاقب حسين چانڊيو ۽ شهري اتحاد ميھڙ  جي اڳواڻ نذير جانوري جو پٽ عبدالرحمن جانوري چائنا ۾ ڦاٿل آھي ٻئي طرف ميھڙ لڳ ڳوٺ صوڀو خان مگسي جو رهواسي چائنا ۾ ڊاڪٽر جي شعبي ۾ ٻئين سال جو شاگرد اورنگزيب مگسي  پڻ چائنا ۾ ڦاٿل آهي سندس والد شعيب احمد مگسي  حڪومت پاڪستان ۽ اعلي عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس  وٺي اونگزيب مگسي سميت سمورن شاگردن کي پرڏيھ آڻي سمورن شاگردن جي والدين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي،،