چين ۾ ڦاٿل سنڌ واسين جي سفارتخاني واهر نه ڪئي، سوشل ميڊيا تي پيغام جاري

ڪراچي:- چين ۾ڦاٿل سنڌ واسين جي سفارتخاني واهر نه ڪئي جنهن سبب شاگردن ۽ سندن وارثن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي، شاگرد سمورا رستا بند ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري رهيا آهن.  چين ۾ موجود  ڪنب واسي وقار اسلم منگي ويڊيو لنڪ زريعي پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته هتي اعلي تعليم جو خواب کڻي نڪتا آھيون پر هن وقت حالتون اهڙيون وڃي بچيون آھن جو گهرڀاتين سان به رابطو ڪرڻ تي بندش وڌي وئي آھي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضروري کائڻ پيئڻ واريون شيون به ملڻ مشڪل ٿي ويون آھن هڪٻئي سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي جڏھن ته هن موجب پاڪستاني سفارتخاني وارا چيني پاليسن موجب ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعاون ڪرڻ لاء تيار آھن مسلسل هڪ جڳھ تي ماسڪ پائي پريشان ٿي ويا آھيون بار بار پاڪستان حڪومت کي اپيل ڪيون آھن پوء به ڪو تڪڙو نوٽيس نٿو ورتو وڃي هن وڌيڪ چيو ته ڪالھ منهنجو وڏو ڀاء نيورو سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار علي منگي اوچتو فوت ٿي ويو جنهن کي سامهون ڏسڻ جي حسرت ئي رهجي وئي هن پاڪستان حڪومت کي اپيل ڪندي چيو ته مڙني شاگردن جي وطن واپسي لاء تڪڙا اپاءُ وٺي ڦھليل بي چيني ختم ڪئي وڃي. مورو جي سينئر صحافي آفتاب احمد سومرو جو پٽ عادل آفتاب سومرو تعليم لاء چائنه ويل هو جيڪو پڻ ڪرونا وائرس سبب سخت پريشان آهي سندس والد ٻڌايو ته منهنجو پٽ جيڪو چئن سالن کان چائنه جي گيلين يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ پڙهي رهيو آهي جيڪو ڪرونا وائرس سبب سخت پريشان ٿي ويو آهي رابطي ڪرڻ تي منهنجي پٽ ٻڌايو ته اسان کي يونيورسٽي انتظاميه پاران نوٽيس ڏنو ويو آهي جنهن ۾ هنن چيو آهي ته توهان پنهنجي ملڪ پاڪستان وڃيو اسان بي يارو مددگار ويٺا آهيون ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ لاء تيار ناهي پاڪستاني سفارت خاني سان رابطي ڪرڻ باوجود اسان جي ڪا به مدد نه ٿي ڪئي وڃي. احمدپور لڳ ڳوٺ فتح علي چانڊيو جو رهواسي نوجوان  حسين بخش چانڊيو پٽ هادي بخش چانڊيو گھر واپس ايندي چين جي ائيرپورٽ تي ڪٽنب سميت  ڦاٿل آهي  ان سلسلي ۾ نوجوان جي ڀاءُ عصمت الله چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاءُ چين جي شيان شهر جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ آهي جيڪو ڪجھ عرصي کان گهرڀاتين سميت رهائش پذير هيو جيڪو چين ۾ ڦلهجندڙ ڪورنا وائرس سبب ڪٽنب سميت گھر واپس اچي رهيو هيو جنهن کي گذريل چار ڏينهن کان چين جي شهر اُرمٽي واري ائيرپورٽ تي روڪيو ويو آهي جڏهن ته نوجوان سان گڏ ٻن عورتن ۾سس گهرواري ۽ ٻه ٻار پڻ شامل آهن هن حڪومت پاڪستان کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ته ڀاءُ کي ڪٽنب سميت حفاظت سان گھر پهچايو وڃي. ٻئي طرف  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته چين ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ سبب سڄي دنيا ۾ تشويشناڪ صورتحال پکڙجي وئي آھي، بدين، ٺٽو، ڪراچي سجاول، سانگهڙ حيدآباد سميت مختلف ضلعن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جا سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون چين ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، اتي ويل شاگرد ۽ انھن جا وارث سخت پريشاني ۾ اچي ويا آھن، چين ۾ پاڪستاني سفارتخانو شاگردن جي صحت ۽ سلامتي سان واپسي لاءِ ھنگامي قدم کڻي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ رھندڙ شاگردن جي وارثن سان سفارتخانو رابطو ڪري ۽ شاگردن جي صحت ۽ سلامتي بابت اعتماد ڏياري، ڇاڪاڻ ته وائرس ۾ انساني نقصان ٿي رھيو آھي، جنھنڪري شاگردن جا وارث به پريشان آھن،انھن کي اعتماد ڏياريو وڃي.