چين ۾ فوتگين جو انگ 132 ٿي ويو، 6000 ماڻهو متاثر،خوف

ووهان:- چين جي شهر ووهان ۾ ڦهلجندڙ ڪرونا وائرس سبب فوتگين جو تعداد 132 ٿي وئي آهي، جڏهن ته 6 هزار کان مٿي ماڻهو ان وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ هڪ ڪروڙ جي آبادي رکندڙ شهر ووهان خوفناڪ شهر جهڙو منظر پيش ڪري رهيو آهي، جتي روڊ رستا ويران، اڏامون بند، ريل گاڏيون بند، شهر ۾ گاڏين جي داخلا به بند آهي.عالمي ميڊيا کي به چيڪنگ ۽ سخت احتياطي اپائن کانپوءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي.ٻئي طرف ڪرونا وائرس سان چين ۾ فوتگين جي تعداد 132 ٿي وئي آهي، جڏهن ته 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ان وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.ڪرونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ووهان شهر کانسواءِ ٻين شهرن ۾ به لاڪ ڊائون جاري آهي ۽ ريلوي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن.چين کانسواءِ 19 ملڪن ۾ به ايستائين ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، انهن ۾ آمريڪا، جاپان، ملائيشيا، فرانس، جرمني، آسٽريليا ۽ متحده عرب امارات سميت ٻيا ملڪ شامل آهن. انهن ملڪن ۾ جن ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، اهي ويجهڙائي ۾ ئي چين کان اتي پهتا آهن.ٻئي طرف برطانيا ووهان کان ايندڙ پنهنجي شهرين کي 14 ڏينهن تائين الڳ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ياد رهي ته برطانوي پادري رڪ وائلز چين ۾ ڦهلجندڙ پُراسرار ڪرونا وائرس کي الله جو عذاب قرار ڏنو آهي.پادري چين ۾ ڦهلجندڙ ڪرونا وائرس بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهو الله جو عذاب آهي، ڇو ته طاعون جهڙو مرض الله جي عذابن مان هڪ آهي.