چين جي پهرين فائيو جي آٽوميٽڪ مائيڪرو بس سفر لاءِ تيار

بيجنگ : چين جي هڪ منفرد انداز جي فائيو جي آٽوميٽڪ مائيڪرو بس متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ عام ماڻهو پهريون سيٽ بڪ ڪرائي ۽ پوءِ سفر ڪري سگهندا. مائيڪرو بس جي منفرد ڳالهه اها آهي ته ان کي هلائڻ لاءِ ڊرائيور جي ضرورت نه آهي، بلڪ اها پاڻ آٽوميٽڪ نظام هيٺ هلندي. بس کي 20 آڪٽوبر تي ڇهين عالمي انٽرنيٽ ڪانفرنس  جي موقعي تي عالمي سطح تي تعارف ڪرايو ويندو. مائيڪرو بس ڏسڻ ۾ هڪ عام بس آهي پر ان ۾ وڏي تعداد م سينسر لڳل آهن.  بس 200 ميٽر اندر نه صرف پنڌ هلندڙ اڻهن ۽ گاڏين جي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري سگهي ٿي پر اها هڪ هڪلوميٽر پري کان ايندڙ روڊ بابت پڻ معلومات فراهم ڪري سگهي ٿي.