چين براعظم آفريقا ۾ سب کان وڌيڪ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي ويو

لندن : چين براعظم آفريقا ۾ سب کان وڌيڪ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي ويو آهي. عالمي ڪنسلٽنگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني ارنسٽ اينڊينگ جي تيار ڪيل رپورٽ مطابق چين 2014 کان 2018 جي وچ ۾ 72.2 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي گڏ برزعظم آفريقا لاءِ سب کان وڌيڪ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪ آهي. چين بعد فرانسيسي ٻولي ڳالهائڻ وارو ملڪ لاءِ 34.1 ارب ڊالر سيڙپڪاري سان فرانس ٻئي، 30.8 ارب ڊالر گڏ آمريڪا ٽئين ۽ 25.2 ارب ڊالر گڏ گڏيل عرب امارت چوٿين نمبر تي آهي. چين جن سيڪٽرن ۾ سب کان وڌيڪ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪندو آهي ان ۾ ٿوڪپرچون، انفراسٽرڪچر، ٽيلي ڪميونيڪيشن، سياحت، ميڊيا ـ ٽيڪنالوجي شامل آهن. رپورٽ مطابق 2018 ۾ براعظم آفريقا ۾ سب کان وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪندڙ ملڪ 44.8 بلين ڊالر سان مصر هو ان بعد 41.7 بلين ڊالر سان ڏکڻ آفريقا ٻئي نمبر  تي ۽  30 بلين ڊالر سان مراڪش ٽئين نمبر تي رهيو.