چيلهار ڀرسان نينگري کي مبينا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندڙ 3 جوابدار گرفتار

مٺي :- چيلهار ڀرسان نينگري کي مبينا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد وڊيو ٺاهڻ واري اسڪينڊل ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ 16 ورهين جي نينگري (م) ميگهواڙ سان وحشي صفت جوابدارن طرفان اجتماعي لڄالٽ ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، پوليس ڪيس ۾ فرار ٿيل جوابدارن آدم دل ۽ سوائي ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار قبول راهمون کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ هفتو اڳ پيش آيل واقعي جي ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس موجب نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ معاملي جي جاچ اڳتي وڌائڻ ۾ سولائي ٿيندي. هوڏانهن مٺي ۾ سماجي ڌُرين ۽ شهرين طرفان نينگري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي خلاف مظاهرو ڪيو ويو آهي. مظاهرين نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.