چيلهار ويجهو 16ورهين جي نينگري کي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف

مٺي :- چيلهار ويجهو اغوا بعد نينگري کي مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف، 3 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، هڪ سوگهو. ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ 16ورهين جي نينگري مومل ڌيءُ کينئراج ميگهواڙ کي 3 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي وئي. پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف وارثن جي مٺي ۾ احتجاج بعد صوبائي وزير ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ نوٽيس وٺي ايس ايس پي عبدالله احمد يار سان رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس متاثر نينگري جي پيءُ کينئرو ميگهواڙ جي فرياد تي الزام هيٺ آيل ٽن جوابدارن سوائي ميگهواڙ، آدم دل ۽ قبول راهمون خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ هڪ جوابدار قبول راهمون کي گرفتار به ڪيو ويو. ايس ايڇ او ماجد ڪي ڪي رابطو ڪرڻ تي چيو ته وڌيڪ ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، نينگر کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ سول اسپتال مٺي اماڻيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ ۽ هڪ جوابدار جي گرفتاري کان اڳ مٺي ۾ احتجاج دوران متاثر نينگري مومل ميگهواڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو آھي ته مونکي 3 ڏينهن اڳ سوائي ميگهواڙ رات جي وقت اغوا ڪري پنهنجي گهر کڻي ويو، جيڪو گهر اسانجي گهر جي ويجهو آهي، جتي وحشي آدم دل ۽ قبول راهمون اڳ ئي ويٺل هئا، نينگري دانهيو ته انهن ٽنهي لڄالٽ ڪري وڊيو ريڪارڊ ڪئي ۽ ڌمڪي ڏني ته پنهنجو وات بند نه رکيو ته اسان هي وڊيو وائرل ڪري ڇڏينداسين ۽ پوءِ تنهنجو خاندان معاشري ۾ بدنام ٿي ويندو. لڄالٽ بعد جوابدار مونکي بيوشي جي حالت ۾ گهر اڇلي فرار ٿي ويا. متاثر نينگري جي پيءُ کينئرو ۽ امڙ تاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وحشين اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي ۽اسان انصاف لاءِ ٽن ڏينهن کا دربدر آهيون انصاف ته پري جي ڳالھه پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، هنن چيو ته انصاف نه ٿيڻ سبب مايوس ٿي اسانجي نياڻي کوھ ۾ ٽپو ڏيئي آپگهات ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪري چڪي آهي، جنهن کي اسان کوھ تان زبردستي واپس کڻي آيا آهيون، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ظالمن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي