چيف جسٽس کي اپيل اسپورٽس سٽي منصوبي جي تباهي جو نوٽيس وٺي: احسن اقبال

اسلام آباد :- نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب تي نااهل ۽ نالائق حڪومت مڙهي وئي آهي.هن چيو ته، پنجاب حڪومت جي نااهلي جي ڪري ئي ڪورونا ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي، فوري طور قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي. ته اٽي ۽ کنڊ چوري تان ڌيان هٽائڻ لاءِ 18 هين ترميم جو شوشو ڇڏيو ويو آهي،. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته چيف جسٽس کي اپيل ٿو ڪريان ته اسپورٽس سٽي منصوبي جي تباهي جو نوٽيس وٺي.حڪومت جي نفرت ۽ انتقام جي ڪري ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ورڪرز بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. اهو وقت به ايندو، جڏهن اسپورٽس سٽي تي اضافي لاڳت جا پيسا عمران خان کان ورتا ويندا. تعلييم منصوبا به فنڊز جاري نه ٿيڻ ڪري اڇا هاٿي بڻجي چڪا آهن، ٻڌايو وڃي ته اربين روپين جي نقصان جا ذميوار ڪير آهن؟ احسن اقبال چيو ته، حڪومت انتظام ۾ منصوبو قبرستان جي منظر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. عوام کي ٻڌائڻ چاهيان ٿعو ته هن وقت حڪومت عوامين منصوبن تي ڪيئن ڪم ڪري رهي آهي.