چوڏس صوفين جون صدائون”حيدرآباد ۾ ٽيون سنڌ صوفي ميلو شروع

حيدرآباد:- حيدرآباد ۾ ٽئين سنڌ صوفي ميلي “ مي رقصم” شروع، پ پ ايم پي اي هير سوهو ۽ بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري منور مهيسر افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي هير سوهو چيو ته هن قسم جا ميلا منعقد ٿيڻ سان صوفي ازم کي هٿي ملندي، سنڌ جي تصوف ۽ ثقافتي رنگ کي نروار ڪيو پيو وڃي، هن قسم جا پروگرام نه صرف حيدرآباد پر سڄي سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ صوفي ميلا لڳرائڻ ڏکيو ڪم آهي، اسين روحانيت تي يقين رکون ٿا، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جتان پوري دنيا تائين امن جو پيغام پهتو آهي ۽ اسان کي ان تي فخر آهي. ان موقعي تي منور مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي ڌرتي رهي آهي، جنهن ڌرتي تان پوري دنيا ۾ امن جو پيغام پهتو آهي. هن چيو ته ميلن جو مقصد اڄ جي نوجوانن کي تصوف کان آگاهه ڪرڻ آهي ۽ سنڌي بينادي طور تي صوفي آهن، مي رقصم جي عنوان سان ٿيندڙ پهرين ميلي موقعي تي ملڪ ۾ انتشار واريون حالتون هيون، پر سنڌ جي ماڻهن پنهنجي امن، ڀائيچاري ۽ رواداري واري روايت برقرار رکندي امن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته هن ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن مان 5 سيڪڙو ماڻهن به تصوف مان فائدو ورتو ته اها اسان جي ڪاميابي آهي، هن قسم جا ميلا منعقد ٿيڻ سٺو عمل آهي، جنهن سان سنڌ جي عظيم صوفي بزرگن جو امن وارو پيغام عام ٿي رهيو آهي.ٻئي طرف سنڌ صوفي ميلي جي پهرين ڏينهن تي ٿيندڙ تصوف ۽ ميڊيا واري ويهڪ ۾ ڳالهائيندي الطاف جوکيو چيو ته موهن جي دڙي مان هٿيار نه مليا آهن، پر مزاحمت ئي اصل ۾ تصوف آهي، جيڪڏهن ڪوبه عمل قومي شعور کي نٿو وڌائي اهو پازيٽو نه آهي، درگاهن جو  سماج لاءِ موجوده ڪردار پازيٽو نه آهي، جيئن سافٽويئر کي اپڊديٽ ڪبو آهي، ائين صوفياڻي درگاهن کي به اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀارو امراڻي چيو ته ميران ٻائي کي سنڌ جو ويدانيت پرين جي پيار وانگر لڳي ٿو، سنڌ زرعي سماج آهي، ان ڪري سنڌ جا ماڻهو فطرت جي ويجهو رهندڙ آهن، هو فطرت جي ڪيفيت ۾ رهندڙ آهن، تصوف ۽ وحدانيت ۾ انسانن کي خوش رکڻ وارو رويو موجود آهي. نصير مرزا چيو ته سنڌ جي صوفي ڪلامن کي سائين جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشدي وارن ريڊيو تي آڻڻ وارو ڪم ڪيو ۽ راڳ کي درگاهن کان ڪڍي شهرن ڳوٺن ۽ ميڊيائي ادارن تائين پهچايو. هن چيو ته استاد محمد جمن سنڌي جو اصلي ڪلام ميڊيائي ادارن ۾ آندو، بريصغير ۾ مڱڻهارن صدين کان راڄائتو ڪم ڪيو آهي، صوفين مذهبي فرق مٽائي محبت ۽ پيار جو درس ڏنو، تصوف جو ورد راڳ ۽ سماع جي ذريعي عوام تائين پهچايو. ويهڪ ڪاروائي سينيئر صحافي ناز سهتي هلائي. جڏهن ته ٻئي ويهڪ نوجوانن جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو جي موضوع تي ٿي، جنهن ۾ ڪي ايس ناگپال چيو ته هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، پر تصوف انقلاب آهي، تصوف برين واش جو نالو آهي، تصوف جي خلاف سازش ڪري ان کي گيڙو ڪپڙن ۾ لڪايو ويو آهي. انساني جذبن کي بچائڻ تصوف آهي، تصوف جو بڻ بڻياد موهن جي دڙي مان نڪتو آهي، اڄ جي سوشل ميديا اصل ۾ تصوف آهي، جيڪا عام انسان جي مدد ڪري ٿي. نور بجير چيو ته تنگ نظري جي خلاف تصوف ثقافتي انداز ۾ ڪم ڪري ٿو. سنڌو نواز گانگهرو چيو ته سنڌ جا نوجوان تصوف بابت جڙ تائين واقف نه ٿيا آهن، ظلم ۽ جبر جي خلاف ڳالهائڻ ئي تصوف آهي، مانجهي فقير ۽ گهوٽڪي جا واقعا ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿا ته تصوف کي برداشت نٿو ڪيو وڃي. صحافي رزاق سوهي چيو ته تصوف راڳ رنگ، نشي پتي جو نالو  ناهي، پر صوفي جو اصل ڪم اندر کي صاف ڪرڻ جو نالو آهي.