چونڊيل وزيراعظم آهيان، ڪنهن به قيمت تي استعيفيٰ نه ڏيندس: عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو اپوزيشن جي مطالبي تي ڪنهن به قيمت تي استعيفيٰ نه ڏيندو. وزيراعظم عمران خان سينيئر صحافين، تجزيه نگارن ۽ اينڪر پرسنز سان پوڻا 2 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي. جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان چيو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو استعيفيٰ ڏيان. ڪنهن به قيمت تي استعيفيٰ نه ڏيندس ۽ نه ئي ملڪ ڇڏي ويندس. عمران خان چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي ڏيکاريندس. مهانگائي ۽ بيروزگاري وڏا مسئلا آهن، حڪومت انهن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جي هر جماعت مختلف ڳالهيون ڪري رهي آهي، خبر ناهي ته انهن جي ايجنڊا ڪهڙي آهي. هن چيو ته نوازشريف هڪڙي ڳالهه ٿو ڪري ته مولانا فضل الرحمان وري ٻي ڳالهه پيو ڪري، شهبازشريف ۽ بلاول به مختلف ڳالهيون پيا ڪن. عمران خان چيو ته مولانا فضل الرحمان جي احتجاج جي مخصوص ايجنڊا آهي، ڀارتي ميڊيا ڏسو، اهي مولانا فضل الرحمان ڌرڻي تي خوشيون ملهائي رهيا آهن، هن چيو ته ڀارت پهريان مولانا حضرات جي خلاف هو، پر اڄ ڌرڻي واري معاملي خوشيون ملهائي رهيو آهي. عمران خان چيو ته مولانا جو انٽرويو ۽ خبر هلائڻ تي ڪا پابندي ناهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان هر سياسي جماعت کي ڌار ڌار ايجنڊا ٻڌائي رهيو آهي، حڪومتي ڪميٽي اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي سان ڳالهيون ڪندي ته جيئن سندن ايجنڊا معلوم ڪري سگهي. عمران خان چيو ته اهڙا اشارا ملي رهيا آهن ته مولانا فضل الرحمان کي ٻاهران سپورٽ حاصل آهي، هن ڌرڻي جو وقت تمام اهم آهي. ڌرڻي جي ڪري ڪشمير اشو تان سمورو ڌيان هٽجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته في الحال مولانا فضل الرحمان جي اها خواهش آهي ته مائنس وزيراعظم ٿي وڃي ۽ سندس اها خواهش ان ڪري آهي جو وزيراعظم ڪرپشن جو خاتمو چاهي ٿو.