چائنيز ڪمپنين جهينگا، کيکڙا ۽ مڇي جي خريداري بند ڪري ڇڏي

جاتي :- چين ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ بعد چائنيز ڪمپنين جهينگا، کيکڙا ۽ مڇي جي خريداري بند ڪري ڇڏي آهي. ساحل بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن عاجز علي محمد ٿهيم ۽ نثار ٿهيم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جاتي سميت ڪراچي تائين ساحلي پٽي تي ويٺل غريب مهاڻن جو گذر سفر کيکڙن تي هلندو هو، پر چائنيز ڪمپنين جي خريداري بند ٿيڻ بعد مقامي سطح تي کيکڙن جو اگهه گهٽجي ويو آهي.