ڄام صاحب ويجهو مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ بعد قتل ڪيل نينگري نمرا رند جو سندس ئي ڀاءُ قاتل نڪتو

ڄام صاحب :- ڄام صاحب ويجهو مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ بعد قتل ڪيل نينگري نمرا رند جو سندس ئي ڀاءُ قاتل نڪتو. پوليس دعويٰ ڪري ڇڏي، پوليس موجب گرفتار جوابدار افتخار رند ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀيڻ سان سندس ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هو ڀيڻ کي زبردستي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو هو، جوابدار جو چوڻ آهي ته کيس ڊَپ هو ته ڀيڻ سندس خلاف والد کي شڪايت ڪندي، جنهن تان هُن کيس قتل ڪيو