ڄامشوري مان کنڀي گم ڪيل نوجوان امتياز خاصخيلي جي وارثن جو فريد آباد ۾ ڌرڻو

فريدآباد :- 19 ڏينهن اڳ ڄامشورو سوسائٽي فيز 2 شورا ڳوٺ مان کنڀي گم ڪيل ڪاڇي جي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو واسي نوجوان شاگرد امتياز خاصخيلي جي وارثن امڙ حضوران، خاصخيلي، ڀيڻ مومل، ناهيدان، خاصخيلي ڀاءُ حاجي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن نوجوان جون تصويرون هٿن ۾ کڻي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو کان ٻه ڪلو ميٽر مارچ ڪري فريدآباد پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي نوجوان کي بازياب ڪريو جا زوردار نعرا ھنيا ان موقعي تي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 19 ڏينهن اڳ ڄام شورو مان بيگناهه اسان جي نوجوان امتياز خاصخيلي کي کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آهي ھنن چيو ته امتياز خاصخيلي ڏوھي آهي ته کيس ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، امتياز جو ڪنهن به قومپرست تنظيم سان ڪوبه واسطو ۽ رابطو ناھي. نوجوان جي وارثن وزيراعظم، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بيگناهه کنڀي گم ڪيل امتياز خاصخيلي کي بازياب ڪرايو وڃي