ڄامشورو ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اجلاس, 19 نومبر تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪرڻ جو فيصلو

ڄامشورو :-  ايس يو پي جي مرڪزي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته چشما جهلم فلڊ ڪئنال آهي ،جنهن جي ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ٿيندو رهي ٿو ، هن چيو ته چشما جهلم ڪئنال تي پاور پلانٽ جي منظوري جو حڪومت نوٽيس وٺي فوري طور انهي منصوبي کي رد ڪيو وڃي. اهڙو اظهار سيد جلال محمود شاهه ڄامشورو ۾ ايس يو پي جي  پنجين ٽينيوئر جي پھرين اجلاس بعد جي ايم سيد ايڊيفيس ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته  ارسا پاران چشما جهلم ڪئنال تي پاور پلانٽ جي منظوري تي مذمت ڪيون ٿا ۽ ان خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ جماعتن جو گڏيل ٺهراء ساراهه جوڳو عمل آهي. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ مبينا  قتل ٿيل نمرتا ڪماري جي قتل کي ڪافي عرصو گذرڻ ۽ ان سلسلي ۾ جوڊيشل ۽ پوليس انڪوائرين کان پوءِ به اڃان تائين حقيقتون ظاهر نه ڪيون ويون آهن ،هن چيو ته نمرتا جي خون سان انصاف ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن، هن چيو ته  سنڌ مان تيل ۽ گيس وڏي تعداد ۾ نڪري ٿو مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ بنيادي سهولت نه ڏئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن،  سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙين ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ڪم فوري بند ڪرايو وڃي جيڪي مقامي ماڻهن کي روزگار ، علائقن کي گئس، صحت ، تعليم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نٿيون ڪن.هن وڌيڪ چيو ته متحده سميت جيڪي ماڻهون ۽ سياسي جماعتون سنڌ اندر سنڌ جي مستقل آبادين کي ويڙهائڻ گھرن ٿيون انهن کان خبردار رهڻ گهرجي ۽ سنڌ جي مستقل آبادين کي سنڌ جي قومي مفادن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي.سيد جلال محمود شاهه نواز شريف جي بيماري تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کي نواز شريف کي سندس مرضيءَ مطابق علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن. پريس ڪانفرنس کان اڳ ايس يو پي جي مرڪزي اجلاس ۾ شهيد انور لغاري جي ورسي  جي مناثبت سان 19 نومبر 2019 تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اجلاس ۾  ڊاڪٽر خليل جان سرهندي، ادريس چانڊيو، اعجاز سامٽيو، روشن ٻرڙو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.