ڄامشورو ڀرسان لاکڙا ۾ 4 پورهيت کاڻ ۾ ڪري دٻجي فوت ٿي ويا

ڄامشورو :- کاڻوٺ ڀرسان لاکڙا ۾ 4 پورهيت کاڻ ۾ ڪري دٻجي فوت ٿي ويا، لاکڙا ۾ 4 پورهيتن جي دٻجي وڃڻ وارو واقعو، چئني پورهيتن جا لاش ٻن ڪلاڪن بعد ٻاهر ڪڍيا ويا، لفٽ جي رسي ٽٽڻ سبب ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويل 4 پورهيتن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، 400 فوٽ اونهي کاڻ ۾ ڪري فوت ٿيل 4 ئي پورهيتن جو تعلق ڪي پي سان آهي، فوتين ۾ اختر زمين، سميع رحمان، تاج محمد ۽ ڪلرام شامل آهن