ڄامشورو مان کنڀي گُم ڪيل شاگرد 3 مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيڻ تي اي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي نوٽيسز جاري

ڄامشورو := ڄامشورو مان کنڀي گُم ڪيل شاگرد 3 مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيڻ تي اي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي نوٽيسز جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ گُم ٿيل شاگرد جي ڀاءُ جي درخوات تي پوليس جي اعليٰ اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار سرتاج نوحاڻي موقف اختيار ڪيو ته ڄامشورو پوليس سيپٽمبر 2020ع ۾ سندس ڀاءُ کي کنڀي وئي، ايس ايس پي ۽ حد جي پوليس وٽ ڪيترائي ڀيرا چڪر ڪاٽڻ باوجود ڀاءُ کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي، سي آءِ اي ڄامشورو جي انچارج کان به 23 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو