ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل مهراڻ يونيورسٽي جي ملازم جي آزادي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج

حيدرآباد :- مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي ملازم ارشاد چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن پارن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اسد چانڊيو، ڪامران چانڊيو، ڪامريڊ جوشيلو، ايڊوڪيٽ آصف چانڊيو ۽ ٻين چيو ته 4 ڏينهن اڳ مهراڻ يونيورسٽي جو ملازم ارشاد چانڊيو گذيل رات جو 9 وڳي پنهنجي پٽ سان گڏ پنهنجي گهر اچي رهيو هو ته تاڙ ۾ بيٺل سينڊوز روڊ تي هڪ ويگو ڪار ۽ ون ٽوفائيو موٽر سائيڪل سوار جن کي سادا ڪپڙا پهريل هيا جيڪي ارشاد علي کي زبردستي پنهنجي گاڏي مان لاهي پاڻ سان گڏ وٺي ويا آهن، جنهن جي گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس جي ڪٿي به گرفتاري ظاهر نه ٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ارشاد سان گڏ سندس پٽ ڪامران ۽ سندس دوست پڻ گڏ هئا، جن کي اتي ڇڏي ارشاد چانڊيو کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. هنن چيو ته جيڪڏهن ارشاد چانڊيو مٿان ڪو به ڪيس ڪنهن به ٿاڻي تي داخل آهي ته قانون موجب کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ 2 ڏينهن کان پوءِ ڄامشورو روڊ باءِ پاس تي ڌرڻا هنيو ويندو.