ڄامشورو: مانجهند لڳ ڳوٺ سنگهار کوسو تي پوليس چڙهائي خلاف قومپرست ڌرين جو احتجاج، ڌرڻو

ڄامشورو: مانجهند لڳ ڳوٺ سنگهار کوسو تي پوليس چڙهائي ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪرڻ ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي قومپرست ڌرين پاران ڳوٺ سنگهار کوسو سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو، پنج ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ڊي ايس پي خاڻوٽ علي شير خاصخيلي، ايس ايڇ او خاڻوٽ، ايس ايڇ او ڪول مائنز ۽ ايس ايڇ او مانجهند جي اڳواڻي ۾ آيل پوليس سان ڳالهين کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ جسم اڳواڻ رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، نواز شاهه ڀاڏائي، نواز خان زنئور، ديدار شام ۽ ٻين  پوليس جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

ڊي ايس پي علي شير خاصخيلي موجب ايس ايس پي امجد شيخ پاران ڳوٺاڻن جي مطالبي تي هوم ڊپارٽمينٽ کي خط لکي معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ استدعا ڪندو، ان سان گڏ جمعي جي ڏينهن تائين جاچ مڪمل ڪري ايف آءِ آر مان عورتن ۽ ٻارن جا نالا خارج ڪيا ويندا. اهڙي يقين ڏيارڻ تي قوم پرست ڌرين پاران احتجاج ختم ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جمع تائين مطالبا نه  مڃيا ويا ته آچر تي ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو.

هوڏانهن ڌرڻي سبب  ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ديدار شام، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، قومپرست اڳواڻ نواز خان زئور، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ فيروزه لاشاري سميت کوسا برادري جي اڳواڻڻ ۽ سوين عام ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي.

ڌرڻي ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻا پوليس خلاف زرودار نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي ته ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو ته ڳوٺ سنگهار کوسو جي رهواسين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڳوٺ ۾ پوليس چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري لکين روپين جي ڪيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، اسان جي الٽيميٽم تائين انتظاميا ڪجھ به نه ڪيو، جنهن جي ڪري اسان مجبور ٿي انڊس هاءِ وي تي  نٽهڻ اۡس ۾ ڌرڻو هنيو آهي.

پ پ شهيد ڀٽو جي فيروزه لاشاري چيو ته ڄامشورو پوليس بربربيت جو مظاهرو ڪري پنهنجا حق وٺڻ لاءِ پرامن ماروئڙن تي سڌيون گوليون وسائي عورتن ٻارڙن کي سرعام تشدد جو نشانو بڻائي انهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن، گاڏيون  تباهه ڪيون ويون آهن، هي ڪٿان جو انصاف آهي، جيستائين ڳوٺاڻن سان انصاف نه ڪيو ويندو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو.

هوڏانهن جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي سنڌ جي تاريخ ۾ بدترين واقعو آهي پوليس پير اگهاڙي سنڌي مائرن کي تشدد ڪري انهن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي،  4 ڏينهن گذري ويا آهن ڳوٺ تي پوليس چڙهائي کي پر هن وقت تائين حڪومتي جماعت جا نمائندا ماروئڙن وٽ لڙي به نه آهيا آهن، ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جيستائين پوليس گردي جو نوٽيس نه ورتو ويندو تيستائين جسقم ڳوٺاڻن سان گڏ بيٺل هوندي.